اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، اين سي او سي مان جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪورونا جي 752 مر??ضن جا ٽيسٽ مثبت آيا جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن د??ران 9 مر??ض سڄي ملڪ جي اسپتالن ۾ وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن د??ران ڪووڊ-19 جا 33 هزار 865 جا ٽيسٽ ڪيا ويا جنهن مان سنڌ ۾ 13 هزار 787، پنجاب ۾ 11 هزار 928، خيبرپختونخوا ۾ 2 هزار 395، اسلام آباد 3 هزار 80، بلوچستان هڪ هزار 574، گلگت بلتسان ۾ 442 ۽ آزاد ڪشمير ۾ 659 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪورونا مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 2 لک 91 هزار 683 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪو به ڪورونا جو مر??ض هن وقت وينٽيليٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي لاءِ م??تص هڪ هزار 912 وينٽيليٽرز تي 106 ڪورونا جا مر??ض آهن، سڄي ملڪ ۾ ڪورونا جي ايڪٽو ڪيسز جو تعد??د 6 هزار 295 آهي.