اسلام آباد – 10 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڪستاني مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معيار جي حوالي سان خدشا مصنوعات جي روانگي واپار جي فروغ ۾ وڏي رڪاوٽ آهن، معيار جي جاچ پڙتال جي نظام ۾ انساني مداخلت کي گهٽ ڪرڻ تي خصوصي ڌيان ڏنو وڃي. هو هتي ملڪ ۾ صنعتي مصنوعات جي معيار کي بهتر بڻائڻ جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وا??و وزير چوڌري فواد حسين، واپار وا??و صلاحڪار عبدالرزاق دائود، ناڻي وا??و صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ ۽ ٻيا ??ينئر آفيسر ??ريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا ??فيس موجب سائنس ۽ ٽيڪنالاجي وا??و وزير چوڌري فواد حسين ملڪ ۾ صنعتي ۽ ٻي مصنوعات جي معيار جي حوالي سان موجوده نظام، پاڪستان اسٽينڊرڊز اينڊ ڪوالٽي ڪنٽرول اٿارٽي جي نئين سر ??وڙجڪ ۽ ملڪ ۾ پبل?? پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت معياري ٽيسٽنگ ليبارٽريز جي قيام ۽ صنعتي مصنوعات جي معيار کي يقيني بڻائڻ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي ڪردار کي متحرڪ ڪرڻ جي حوالي سان قدمن کان آگاهه ڪيو.