اسلام آباد – 14 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان قوم کي 74 هين يوم ??زادي تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻايو ويندو، معيشت جي صورتحال بهتر ٿيڻ شروع ٿي وئي آهي ۽ ڪورونا جي ڪيسز به گهٽ ٿي ويا آهن، اسٽاڪ مارڪيٽ رڪارڊ مٿي وئي آهي، تعميرات ۽ ان سان لاڳاپ??ل صنعتن کي تاريخ?? پيڪيج ڏنو جنهن ??ان روزگار جا موقعا پيدا ٿي ويا ۽ ٽيڪس وصولي بهتر ٿي، ان??اءُ الله حالتون وڌيڪ بهتر ٿي وينديون، پاور ڪمپنين سان ڊگهي ڳالهين کانپوءِ معاهدو ٿي ويو آهي، هاڻي صنعتن ۽ عوام جي لاءِ سستي بجلي دستياب هوندي، سڄو پاڪستان ڪشميرين سان گڏ آهي، انهن ??ي حق جي لاءِ دعاڳو به آهي ۽ جدوجهد به ڪندو. پاڪستان ٽيلي ويزن تي قوم ??ي نالي پنهنج?? پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح ۽ علامه اقبال جي عظيم خواب جي تعبير آهي، اهي پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ چاهيندا هئا جنهن ۾ قانون جي بالادستي هجي، سڀني ان??انن کي برابر جا حق حاصل هجن ۽ رياست انهن ??ي حقن جي ضمانت ڏي، وزيراعظم چيو ته اسان ان سفر طرف گامزن آهيون ۽ جدوجهد جي ذريعي منزل تي پهچي ساهه پٽينداسين، وزيراعظم چيو ته اڄ قوم کي ڪورونا وائرس جو گڏجي مقابلو ڪرڻ تي به مبارڪباد پيش ڪريان ٿو، پاڪستان جهڙي طرح ڪورونا وائرس جي خلاف جدوجهد ڪئي آهي شايد ئي ڪنهن قوم ۾ ان طرح جو مثال ملي سگهي.