??شا??ر – 13 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ??شا??ر ۾ بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزيراعظم عمران خان ??شا??ر جو دورو ڪيو جتي هن بي آر ٽي منصوبي جو افتتاح ڪيو. خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير محمود خان، خيبرپختونخواهه جو گورنر شاه?? فرمان کانسواءِ دفاع وارو وفاقي وزير پرويز خٽڪ، مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير پير نورالحق ۽ صوبائي وزير پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم عمران خان کي ان موقعي تي منصوبي بابت بريفنگ ڏني وئي، وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ سان ??شا??ر ۽ ڀرپاسي جي شهرين کي جديد سفري سهولتن جي فراهمي ??مڪ?? ٿيندي. افتتاحي تقريب چمڪني ڊپو ۾ ٿي. بي آر ٽي جو ٽريڪ 27 ڪلوميٽر آهي، بي آر ٽي جو في اسٽاپ ڪرايو 10 رپيا جڏهن ته مڪمل سفر 50 رپين م ٿيندو. هڪ اسٽيشن کان ٻي اسٽيشن جو فاصلو 850 ميٽر آهي. حڪومت پاران بي آر ٽي بس ۾ سفر جي لاءِ شهرين ۾ رڳو 3 ڏينهن ۾ 80 هزار ڪارڊ مفت ورهايا ويا آهن. بي آر ٽي منصوبي تي ڪم جي شروعات آڪٽوبر سال 2017ع ۾ ٿي.