مظفرآباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جو دورو ڪيو. ان دوران هن وز??راعظم هائوس آزاد ڪشمير جو دورو پڻ ڪيو. وز??راعظم جو قومي سلامتي وارو خاص معاون معيد يوسف پڻ پرڏيهي وز??ر سان گڏ هو. آزاد ڪشمير جي وز??راعظم راجا فاروق حيدر خان پرڏيهي وز??ر شاهه محمود قريشي جي وز??راعظم هائوس ۾ آجيان ڪئي. پرڏيهي وز??ر مخدوم شاهه محمود قريشي آزاد ڪشمير جي وز??راعظم راجا فاروق حيدر سان ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال ۽ 5 آگسٽ تي استحصال جي ڏهاڙي جي حڪمت عملي بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وز??ر چيو ته پوري پاڪستاني قوم مشڪل جي هن گهڙ??ءَ ۾ پنهنجي ڪشميري ڀائرن سان گڏ بيٺل آهي. مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته ڀارت جي مسلسل ڏاڍ ۽ دٻاءُ باوجود 5 آگسٽ جي غيرقانوني قدم کي سمورا ڪشميري رد ڪري چڪا آهن. مظلوم ڪشميرين جي آواز کي دنيا جي هر فورم تي اٿ??رينداسين. وز??راعظم راجا فاروق حيدر چيو ته معصوم ڪشميري دنيا جي چوٿين وڏي فوجي قوت جو ڄمي مقابلو ڪري رهيا آهن، پاڪستاني قوم پاران ڪشميرين سان يڪجهتي جي بي مثال مظاهري تي انهن کي سلام پيش ڪريون ٿا. پاڪستان ڪشميرين جو سڄي دنيا ۾ واحد وڪيل آهي.