اسلام آباد – 07 مئي (ا?? پي پي) حڪومت ضرورت جي ??ين کانسواءِ تعميرات سان لاڳاپيل ڪاروبار ۽ دڪان کولڻ جي ??جازت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي، شام 5 وڳي دڪان بند ڪرڻا پوندا?? مخصوص او پي ڊيز به کوليون وينديون، تعليمي ادارا بند رهندا. وزيراعظم عمران خان جي ??دارت ۾ قومي رابطا ڪميٽي جي ??جلاس کانپوءِ بريفنگ ڏيندي منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو ته اجلاس ۾ 6 شين تي اتفاق ٿيو آهي، ڪنسٽرڪشن ۽ ننڍا دڪان کولڻ تي اتفاق ٿيو آهي، سحري کانپوءِ شام 5 وڳي تائين دڪان کولڻ تي اتفاق ڪيو ويو آهي، رات جو دڪان بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي?? مخصوص او پي ڊيز به کولڻ جو فيصلو ٿيو آهي، تعليمي ادارن جي ??ندش ۾ واڌ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.