اسلام آباد – 10 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آه?? ته قابض ڀارتي حڪومت انساني ۽ عالمي قانونن جي ابتڙ والاريل وادي ۾ ڪشميري جوانن، ٻارن ۽ عورتن جو بي رحماڻو قتل عام بند ڪري، اسان خودمختيا??ي واري حق لاءِ ميدان عمل ۾ ڄميل ڪشميرين کي سلام پيش ڪريون ٿا ۽ پوري ثابت قدمي سان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، اسان کي عالمي ضمير، عالمي قانونن جي پاسدارن ۽ سلامتي ڪائونسل کي اپيل ڪرڻ گهرج?? ته اهي والاريل ڪشمير تي ڀارتي حڪومت جي ناجائز قبضي جي خلاف قدم کڻن. هن اهڙن خيالن جو اظهار هُن سماجي رابطي جي ويب سائيٽ تي ٽوئيٽ ۾ ڪيو.