اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ پاڻي ۽ غذائي تحفظ جي بحران کي منهن ڏيڻ ج?? لاءِ بين الصوبائي رابطن جي ضرورت آهي، پاڪستان ۾ توانائي، پاڻي ۽ خوراڪ جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ج?? لاءِ واٽر پاليسي تي عملدرآمد جي ڏس ۾ صوبن جي وچ ۾ اتفاق راءِ ضروري آهي. هو چوٿين ڪراچي انٽرنيشنل واٽر ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو اهتمام حصار فائونڊيشن ڪيو هو. ان ڪانفرنس جو موضوع پاڻي، توانائي ۽ غذا جو تعلق ۽ 21 هين صدي ۾ پاڪستان جي ايجنڊا آهي. صدر ڊاڪٽر ع??رف علوي چوٿين ڪراچي انٽرنيشنل واٽر ڪانفرنس جي موضوع جي چونڊ کي ساراهيو.