اسلام آباد-22 نومبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت بابت نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته سعودي عرب لاءِ پاڪستاني عوام جي محبت ۽ احترام جي ڪابه حد ناهي، پاڪستان ۽ سعودي عرب وچ ۾ لاڳاپا پاڪستان جو سڀ کان مضبوط رشتو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن امام خطيب مسجد الحرام ڊاڪٽر صالح بن عبدالله الحميد سان ملاقات دوران ڪيو. مدد علي سنڌي امام ڪعبه جو شاندار استقبال ڪيو. نگران وفاقي وزير چ??و ته ٻئي ملڪ ثقافتي، مذهبي ۽ تاريخي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن. سعودي عرب پاڪستان جي عوام لاءِ ٻئي گهر وانگر آهي. هن چ??و ته مڪو ??ري?? ۽ مديني ??ري?? سبب سعودي عرب سان محبت ۽ احترام جو اندازو لڳائي نٿو سگهجي. هن چ??و ته اُمتِ مسلم جي عالمي مسئلن جي حل ۾ سعودي عرب جي ڪردار کي ساراهيون ٿا. هن چ??و ته ان اسلام جي تعليم خاص ڪري سيرت النبي صلي الله عليه وآله وسلم تي خاص توجهه ڏني آهي. سيرت النبي صلي الله عليه وآله وسلم جي حقيقي تعليم ذريعي ئي اسان پنهنجي قوم کي صحيح تعليم ڏئي سگهون ٿا ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهون ٿا ته هو صحيح رستي تي هلي. هن چ??و ته ان جي هدايتن تي سعودي ۽ پاڪستاني يونيورسٽين جي سهڪار سان هڪ خاص تحقيقي مرڪز قائم ڪيو ويندو جيڪو سيرت النبي صلي الله عليه وآله وسلم خاص طور تي سياسي ۽ سماجي سڌارن تي توجهه ڏيندو. وفاقي وزير چ??و ته هن تعليم واري وزارت جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ تعليم جي معيار، اسڪولن کان ٻاهر ٻارن جي انگ ۾ گهٽتائي ۽ سيرت النبي صلي الله عليه وآله وسلم تي تحقيق کي ترجيح ڏني آهي. هن چ??و ته ڊاڪٽر هذال همود العتيبي جو ڪم ۽ ڪوششون مثالي آهن. هن آءِ آءِ يو آءِ ۾ سسٽمز جي اپ گريڊيشن جي تعريف ڪئي. مدد علي سنڌي چ??و ته ڊاڪٽر هذال حمود العتيبي جي قيادت ۾ آءِ آءِ يو آءِ ۾ تعليم جو معيار مسلسل بلند ٿي رهيو آهي. هن چ??و ته پاڪستان ۾ 30 هزار مدرسا رجسٽرڊ ٿي چڪا آهن ۽ هاڻي هو مذهبي ۽ سائنسي ۽ روايتي تعليم به فراهم ڪري رهيا آهن. ان موقعي تي مسجد الحرام جي امام خطيب ڊاڪٽر صالح بن عبدالله الحميد چ??و ته رياستِ مدينه اسان لاءِ هڪ اعل??ٰ مثال آهي جنهن جي ن??شي تي هلي اسان پنهنجا سڀ مسئلا حل ڪري سگهون ٿا. هن ٻنهي ملڪن کي هڪٻئي کي ويجهو آڻڻ ۾ نگران وفاقي وزير جي ڪردار کي ساراهيو.هن چ??و ته هو 20 سالن کان وڌيڪ عرصي کان پاڪستان اچي رهيو آهي ۽ هاڻي پاڪستان گهر جهڙو محسوس ٿيندو آهي.