گلگت/اسلام آباد – 15 – جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر ??ار?? علوي هاءِ اسڪول نمبر 1 گلگت ۾ ٻارن کي ٽيڪنالاجي سان مت??ار?? ڪرائڻ جي سلسلي ۾ لڳايل ڪيمپ جو دورو ڪيو، صدر اسڪول جي شاگردن ۽ شاگردياڻين کي جديد ٽيڪنالاجي جهڙوڪ ڪمپيوٽر پروگرامنگ، ويب ڊولپمينٽ جي تربيت ڏيڻ جي قدمن جي واکاڻ ڪئي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب گلگت ۾ ڪيمپ جي دوري دوران صدر کي ٽيڪنالاجي ڪيمپ ۾ فر??هم ڪيل سهولتن جي باري ۾ ٻڌايو ويو، شروعاتي طور تي 30 سرڪاري اسڪولن ??ي 1500 شاگردن ۽ شاگردياڻين کي بنيادي ٽيڪنالاجي ۾ تربيت ڏني ويندي، ايندڙ مرحلي ۾ ان ??هم پروگرام کي 130 سرڪاري اسڪولن تائين سگهه ڏني ويندي، صدر انفارميشن ٽيڪنالاجي جي مهارت حاصل ڪندڙ شاگردن جي حوصلا افزائي ڪئي، هن گلگت ۾ ٽيڪنالاج?? بوٽ ڪيمپ جو باقاعده افتتاح به ڪيو.