اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف ا??ر وزيرستان جي علائقي ميرانشاهه ۾ خودڪش حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ٽن اهلڪارن سميت 6 ماڻهن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظه??ر ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان همدردي جو اظه??ر ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم ميرانشاهه ۾ خودڪش ڌماڪي جي مذمت ڪندي لانس حوالدار زبير قادر، سپا??ي عزيز اصغر ۽ سپاهي قاسم مقصود جي شهادت تي افسوس جو اظه??ر ڪيو ۽ سندن قرباني کي خراج عقيدت پيش ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف خودڪش ڌماڪي ۾ شهيد ٻارن 4 سالا انعم، 8 سالا احسن ۽ 11 سالا احمد حسن جي گهرڀاتين سان دلي همدردي ۽ تعزيت جو اظه??ر ڪيو ۽ چيو ت?? معصوم ٻارن جا قاتل اسلام ۽ انسانيت ٻنهي جا دشمن آهن، ان سفاڪ وحشت ۽ درندگي جي خاتمي تائين سک سان نه ويهنداسين، قاتلن جي سرپرستن کي سزا ڏئي رهنداسين. وزيراعظم چيو ته پاڪ فوج جون عظيم قربانيون اسان جي تاريخ جو سنهري باب آهي، پنهنجي شهيدن تي پوري قوم کي فخر آهي، شجاعت ۽ شهادت اسان جي فوج جي شاندار روايت آهي، اسان جي شهيدن ان کي برقرار رکيو آهي. وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند فرمائي ۽ شهيدن جي گهرڀاتين کي صبر جميل عطا فرمائي.