اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس هر لمحي معاشي بدحالي کان متاثر سفيد پوش طبقي جي مشڪلاتن جو احساس ستائي ٿو، رمضان ۾ عام ??اڻهو جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اٽي ۽ کنڊ جي قيمت ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته مون کي هر لمحي اهو احساس ستائيندو رهي ٿو ته معاشي بدحالي جي موجوده حال??ن ۾ سفيد پوش طبقي جون مشڪلاتون گهٽ ڪرڻ جي لاءِ اس??ن ڇا ٿا ڪري س??هو??. هن چيو ته بدقسمتي سان اس??ن کي قومي خزانو جنهن حالت ۾ مليو آهي اهو منهنجي ان خواهش کي پورو ڪرڻ جي قابل نه آهي پر پوءِ به رمضان مهيني دوران پنهنجي لاچار ۽ مجبُور مُلڪ واسين جي مشڪلاتن کي ڪجهه گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مُون پنجاب ۾ 10 ڪلو اٽي جي قيمت 550 رپين مان گهٽ ڪري 400 رپيا ۽ رمضان بازار / يوٽيلٽي اسٽورز ۾ کنڊ 75 رپين مان گهٽ ڪري 70 رپيا في ڪلو ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. وزيراعظم چيو ته آئون توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ملڪ جي معاشي حالتن کي بهتر ڪرڻ جي لاءِ اس??ن ڏينهن رات ڪم ڪري رهيا آهيون ته جيئن پنهنجي عوام کي وڌ کان وڌ خدمت ڪري س??هو??.