اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سان پا??ست??ن تحريڪ انصاف نيويارڪ جي صدر امجد نواز جي قيادت ۾ وفد سندس آفيس ۾ ملاقات ڪئي ۽ اوورسيز ڪنوينشن سميت ٻين اهم سياسي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي وفاقي وزير اوورسيز ڪنوينشن ۾ تحريڪ انصاف نيويارڪ جي وفد جي شرڪت تي خصوصي ٿورو ادا ڪيو، وفاقي وزير چيو ته حڪومت پرڏيهي پا??ست??نين جي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي، اوورسيز پا??ست??نين کي ووٽ جو حق ڏيڻ لاءِ ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن حڪومت آواز بلند ڪيو ۽ انهن کي اهو حق ڏنو. تحريڪ انصاف جي صدر امجد نواز ملاقات دوران چيو ته اوورسيز پا??ست??نيز پي ٽي آءِ جي حڪومت سان گڏ بيٺل آهن، ملڪي ترقي ۾ اوورسيز پا??ست??نين جو اهم ڪردار آهي، اوورسيز پا??ست??ني ملڪ کي معاشي طور تي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن چيو ته اوورسيز پا??ست??نيز ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ وزيراعظم عمران خان جا ساٿي بڻجندا. هن چيو ته انشاءُ الله مخالف ڌر پنهنجي ارادن ۾ ناڪام ٿيندي ۽ عمران خان هڪ دفعو ٻيهر سرخرو ٿيندو.