اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته مخالف ڌر پارٽيون پيٽروليم مصنوعات جي قيمتن ۾ اضافي تي ??نقيد ڪري رهيون آهن پر ڪنهن به تنقيد جو اهم رخ اهو هوندو آهي ته توهان متبادل ڏيندا آهيو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته ها??ي مخالف ڌر ٻڌائي ته عالمي منڊي ۾ تيل 60 ڊالر مان 95 ڊالر في بيرل تي پهچي وڃي ته حڪومت قيمت ڪيئن نه وڌائي؟ ڪو جا??و جو چراغ آهي ته ٻڌائي ڇڏين.