اسلام آباد – 07 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان يونان سان تعاون تي ٻڌل لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو، ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ مائيگريشن سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ ج?? ضرورت آهي. اها ڳالهه هن يونان جي مائيگريشن ۽ سياسي پناهه واري وز??ر پناگوئٽس ميتاراچي سان ڳالهائيندي چئي جنهن وفد سان گڏ ساڻس ملاقات ڪئي. وز??راعظم عمران خان چيو ته اسرندڙ ملڪن مان ترقي يافته ملڪن کي غيرقانوني مالياتي وهڪري اسرندڙ ملڪن ??ي وسيلن کي سخت نقصان پهتو آهي ۽ اهو عمل غيرقانوني مائيگريشن جهڙن مسئلن جو پڻ سبب بڻجي رهيو آهي. وز??راعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته غيرقانوني مالياتي وهڪري کي روڪڻ سان گڏوگڏ قانوني مائيگريشن جي لاءِ رستا پڻ ڳوليا وڃن. ان ڏس ۾ وز??راعظم يونان پاران قانوني مائيگريشن چينلز جي لاءِ قدمن کي ساراهيو جنهن سان پاڪستاني هنرمند ليبر جي لاءِ پڻ راهون کلنديون. وز??راعظم افغانستان ۾ سنگين انساني بحران کي منهن ڏيڻ ۽ معاش?? بدحالي کي روڪڻ ج?? ضرورت تي پڻ زور ڏنو ۽ چيو ته 40 ملين افغان عوام جي تڪليفن کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ افغانستان جي منجمند اثاثن کي بحال ڪرڻ پڻ لازمي آهي ڇو ته ان سان هڪ پائيدار افغان معيشت جي تعمير ۽ افغانين ??ي وڏي پئماني تي ٻين ملڪن ۾ چرپر ي روڪڻ ۾ مدد ملندي. يونان جي وز??ر ميتاراچي پاڪستان يونان لاڳاپن ۽ ٻطرفي گڏيل مٽاسٽا جي اهميت کي اجاگر ڪيو. ميتاراچي وز??راعظم عمران خان کي يونان جي وز??راعظم پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچائيندي وز??راعظم کي يونان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني. وز??ر ميتاراچي يونان جي معيشت ۾ پاڪستاني ڪميونٽي جي نتيجاخيز ڪردار کي ساراهيو ۽ ٻنهي ملڪن ??ي وچ ۾ قانوني مائيگريشن جي لاءِ تجويز ڪيل منصوبي جو خاڪو پڻ پيش ڪيو.