اسلام آباد – 05 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته بدقسمتي سان ڀارت تي هڪ اهڙي حڪومت مڙهيل آهي جنهن کي عالمي ذميواري?? جو ادراڪ نه آهي، نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جابراڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، ڪشمير تڪرار جو ??نصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي ??طي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو ??احد رستو آهي. ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڪنٽرول لائين جي ٻنهي طرفن ۽ سڄي دنيا ۾ ڪشميري عوام اڄ ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ملهائي ??هيا آهن، پوري پاڪستاني قوم ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي، اسان کي پڪو يقين آهي ته ڪشميري عوام ڀارت جي ڏاڍ ۽ ناجائز قبضي جي خلاف ان جرئتمنداڻي جدوجهد ۾ سرخرو ٿيندي. هن چيو ته اسان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت جاري رکنداسين. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته نريندر مودي هٽلر جي نظريي تي ڪاربند آهي، هو ڀارت ۾ هندوتوا نظريو مڙهڻ چاهي ٿو، مودي حڪومت جي غيرذميواراڻي، غيرقانوني ۽ جارحاڻي پاليسين جي ڪري اڄ خطو ڪيترن ئي موقعن کان محروم آهي، بدقسمتي سان ڀارت ۾ هڪ اهڙي حڪومت قائم آهي جنهن کي عالمي ذميواري?? جو ادراڪ نه آهي، اهي انتهاپسند ماڻهو آهن ۽ آر ايس ايس جي فلسفي جي تمام ويجهو آهن. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جو ??نصفاڻو ۽ پائيدار حل ئي ??طي ۾ پائيدار امن ۽ ترقي جو ??احد رستو آهي.