بخارسٽ – 10 جنوري (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مو?? قريشي چيو آهي ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. اها ڳالهه هن بخارسٽ ۾ روماني?? جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا سان ملاقات دوران چئي. وزيراعظم روماني?? جي چيف آف پروٽوڪول پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير روماني?? جي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا کي وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستاني قيادت پاران نيڪ خواهشن جو پيغام پهچايو. ملاقات ۾ پرڏيهي وزير مخدوم شاهه م??مو?? قريشي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ۽ خوشگوار لاڳاپن تي روشني وڌي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان رومانيا سان وسيع البنياد ۽ نتيجاخيز لاڳاپا قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مختلف شعبن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ تازي بهتري ٻنهي ملڪن جي قيادت جي ويزن جو اظهار آهي. پرڏيهي وزير رومانيا پاران ڪورونا وائرس جي وبائي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ کنيل موثر قدمن کي ساراهيو ۽ پاڪستاني عوام جي لاءِ روماني?? جي حڪومت پاران ڪوويڊ جي خاتمي واري ويڪسين جون 500000 خوراڪن جي تحفي جي اعلان تي وزيراعظم نڪولائي چيوڪا جا ٿورا مڃيا. روماني?? جي وزيراعظم افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ روماني?? جي شهرين جي انخلا ۾ اسلام آباد پاران فراهم ڪئي ويندڙ مدد کي ساراهيو. روماني?? جي وزيراعظم سان ملاقات دوران پرڏيهي وزير اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي خاص طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ صورتحال جي سنگيني ۽ افغانستان جي ڏس ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار کي اجاگر ڪيو. پرڏيهي وزير يورپي يونين ۾ پاڪستان جي لاءِ جي ايس پي پلس جي حوالي سان روماني?? جي حمايت کي ساراهيو. روماني?? جي وزيراعظم مسٽر نڪولائي چيوڪا پرڏيهي وزير کي رومانيا اچڻ تي ڀليڪار چوندي نيڪ خواهشن جي اظهار تي وزيراعظم عمران خان جا ٿورا مڃيا.