اسلام آباد – 30 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مالياتي ضمني بل معيشت کي دستاويزي شڪل ڏيڻ لاءِ آندو ويو آهي، اها ڪا نئين ڳالهه نه آهي جنهن کي وڌائي چڙهائي پيش ڪيو پيو وڃي، ماضي ۾ به فنانس بل اي??دا رهيا، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪرڻ جي موقعي تي شهباز شريف ۽ بلاول زرداري گم رهيا، اهي دعويٰ ڪري رهيا هئا ته اسان بل منظور ئي نه ٿيڻ ڏينداسين، مخالف ڌر ڪا دليل جي ڳالهه نه ڪئي پر اي??ان کي مڇي مارڪيٽ بڻايو، حڪومت ڪوشش ڪري رهي آهي ته عوام تي گهٽ کان گهٽ بار پوي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي 9 ڀيرا آءِ اي?? اي?? وٽ وئي ۽ مسلم ليگ (ن) به آءِ اي?? اي?? جي چئن پروگرامن لاءِ وئي ۽ پاڪستان پيپلزپارٽي ته 9 ارب ڊالر جو سڀ کان وڏو پروگرام آءِ اي?? اي?? کان ورتو، ه?? چيو ته مخالف ڌر بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي ته هو معيشت جو ڪهڙو حال ڪري وئي هئي، اسحاق ڊار ملڪي معيشت کي تباهه ڪيو، اهي پنهنجي دور ۾ 20 ارب ڊالر جو ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ 15 ڏينهن جا پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا ??ڏي ويا جنهن مان قرض جي قسط ادا نه پئي ٿي سگهي. ه?? چيو ته اها ڳالهه رڪارڊ تي آهي ته مخالف ڌر اسان کي مشورا ڏيندي هئي ته حڪومت ايتري دير سان آءِ اي?? اي?? وٽ ڇو وئي، کين تمام گهڻو پهرين آءِ اي?? اي?? وٽ وڃڻ گهربو هو، فرخ حبيب چيو ته مخالف ڌر ڄاڻي ٿي ته هو پنهنجي دورن ۾ ڪهڙيون کير ۽ ماکي جون نديون وهائي ويا هئا ۽ جيڪڏهن ڪجهه ڪري ويا هجن ها ته اڄ اها صورتحال نه هج?? ها. مملڪتي وزير چيو ته اسحاق ڊار معيشت جو ٻيڙو غرق ڪيو ۽ قرض جي ادائيگي لاءِ حڪومت وٽ پئسا نه هئا. ه?? چيو ته اڄ مخالف ڌر کي گهربو هو ته دليل سان ڳالهه ڪر?? ها پر هنن اي??ان ۾ بدتميزي جو طوفان آندو ۽ دليل سان ڪا به ڳالهه نه ڪئي، بلاول زرداري ۽ شهباز شريف اي??ان مان گم رهيا، ??نه?? جي ڪوشش هئي ته اسان قانونسازي کي روڪينداسين ۽ بل جو حصو نه بڻجڻ ڏينداسين، ه?? چيو ته معاشي حالتن جي باوجود وزيراعظم عمران خان ۽ ناڻي واري وزارت ڪوشش ڪئي ته عوام تي وڌيڪ بار نه وڌو وڃي ۽ حقيقتون به توهان جي سامهون پيش ڪيون آهن. ه?? چيو ته مخالف ڌر بند ڪمرن ۾ ويهي فيصلا ڪندي آهي ۽ جڏهن ڳالهين جو وقت اي??دو آهي ته اهي سڀ غائب ٿي ويندا آهن، مخالف ڌر اي??ان کي اڄ مڇي مارڪيٽ بڻائي رکيو، اسان سمجهون ٿا ته اي??ان ۾ اڄ قيادت کانسواءِ مخالف ڌر هئي.