اسلام آباد – 31 ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ ??يئ??مين محمد صادق سنجراڻي ٽانڪ ۽ مير علي ۾ دهشتگردن جي خلاف آپريشن ۾ سيڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن جون قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ ??يئ??مين چيو ته ملڪ دشمن عنصر ڪڏهن پنهنجي ناپاڪ مقصدن ۾ ڪامياب نه ٿيندا. پوري قوم دهشتگردي جي خلاف متحد آ??ي. ??ن چيو ته دهشتگرد امن امان جي صورتحال کي خراب ڪرڻ چاهين ٿا جنهن ۾ اهي ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. سينيٽ ??يئ??مين چيو ته اسان ڏکويل خاندانن جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن چيو ته پوري قوم پاڪستاني فوج سان گڏ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل آ??ي. ??اڪستان جي ترقي سان ملڪ دشمن قوتون خفا آهن، هن چيو ته دهشتگردي جا واقعا اسان جا حوصلا ڪمزور نٿا ڪري سگهن، ملڪ ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪ فوج جون لازوال قربانيون رائيگان نه وينديون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ شهيدن جا درجا بلند ڪري.