اسلام آباد – 21 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته مريم صفدر جهڙن ماڻهن ڪڏهن پنهنجي پئسن سا?? خريداري ڪئي هجي ته کين خبر هجي ته مهانگائي ڇا کي چوندا آهن، پوري دنيا ۾ رڪارڊ مهانگائي ٿي آهي، ان حقيقت کي ختم نٿو ڪري سگهجي، خيبرپختونخوا ۾ بلدياتي اليڪشن ۾ ن لي?? آخري نمبر تي آهي، ان تي ندامت ٿيڻ گهر??ي. ??ريم صفدر جي بيان ۾ پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته ڪي پي ڪي بلدياتي اليڪشن ۾ پي ٽي آءِ کي هڪ هڪ سيٽ تي درجنين پارٽي ڪارڪنن جي دلچسپي جون درخواستون مليون، گلگت بلتستان، آزاد ڪشمير وانگر ن لي?? کي ڪي پي ڪي جي بلدياتي اليڪشن ۾ عبرتناڪ شڪست ٿي آهي، ??ن چيو ته ڪاش مريم صفدر اڄ ڪي پي ڪي جي اليڪشن ۾ شڪست کي کلي دل سا?? تسليم ڪري ها، هن چيو ته عمران خان کي 2018ع جي اليڪشن ۾ 5 سا??ا حڪومت جو مينڊيٽ عوام ڏنو آهي، ??نهنجو مدو مڪمل ايندڙ اليڪشن ۾ به ڪلين سوئيپ لاءِ پرعزم آهيون. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته نواز شريف ته عدالتي ڀڳوڙو آهي، ??مت هجي ها ته ائين علاج جو بهانو بڻائي فرار نه ٿئي ها، ن لي?? تقسيم در تقسيم ٿي چڪي آهي، ??هرين پارٽي قيادت جو فيصلو ڪري وٺ??، شهباز شريف متحرڪ ٿئي ٿو ته مريم صفدر ٻن مهينن جي آرام تي هلي ويندي آهي.