اسلام آباد – 03 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي معذور ماڻهن جو خصوصي خيال رکڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته معاشري جي ذميداري آهي ته انهن جي ??اءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري، کين معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ لاءِ تعليم ۽ ملازمتن ۾ ٻين شهرين جي برابر ۽ سازگار موقعا فراهم ڪيا وڃن، معذور ماڻهن کي مالي طور تي خودمختيار بڻائڻ ۽ پنهنجي ??يرن تي بيهارڻ لاءِ هنر ۽ تربيت فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي، احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ايوان صدر ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو موضوع ڪورونا وائرس جي ??با کانپوءِ دنيا ۾ معذور ماڻهن جي شموليت، رسائي ۽ پائيداريت جي حوالي سان قيادت ۽ حصيداري هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته خصوصي ٻارن جي حوالي سان اسان کي پنهنجي ذميدارين کي سمجهڻو پوندو، خصوصي ٻارن کي قومي ڌارا ۾ شامل ٿيڻ گهرجي، خصوصي ماڻهن جا چار قسم آهن، انهن ۾ ٻڌڻ، ڏسڻ، عام جسماني معذوري ۽ ذهني معذوري شامل آهن، ٻڌڻ، ڏسڻ ۽ عام جسماني معذور ماڻهو ٻين شهرين جي برابر ذهين هوندا آهن، هن چيو ته خصوصي ماڻهن جي ??عاملن تي معاشري ۾ ڳالهه ٻولهه ٿيڻ گهرجي، معاشري جي ذميداري آهي ته ان جي ??اءِ خصوصي ڪوششون ڪري ۽ انهن کي سهولتون فراهم ڪري. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ 10 کان 12 سيڪڙو ماڻهو خصوصي هوندا آهن، هن چيو ته بازارن ۽ عوامي ??نڌن تي خصوصي ماڻهن جي ??اءِ ريمپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هر جڳهه تي خصوصي ماڻهن لاءِ ريمپ بڻائڻ گهرجن، هاڻي هر عمارت ۾ ريمپ لازمي ??اهڻا پوندا، اسلام آباد ۾ سي ڊي اي بازارن ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اءِ ريمپ ٺاهيا آهن، صدر چيو ته جيڪي خصوصي ماڻهو تعليم حاصل نٿا ڪريس گهن انهن سکيا فراهم ڪئي پئي وڃي، استادن کي خصوصي ٻارن جي تعليم جي حوالي سان تربيت فراهم ڪرڻ گهرجي. خصوصي ٻارن کي تعليمي ادارن ۾ داخلا وٺڻ کان نٿو روڪي سگهجي، هر اسڪول ۾ خصوصي ٻارن جي ??اءِ استاد موجود هجڻ گهرجن، هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻڌڻ جي سگهه کان محروم ماڻهو ريسٽورينٽ هلائي رهيا آهن، اين جي اوز خصوصي ماڻهن کي تربيت فراهم ڪري، هن چيو ته خصوصي ماڻهن کي نوڪرين جا موقعا به فراهم ڪرڻ گهرجن. صدر چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر خصوصي ماڻهن جي ??اءِ خصوصي قدم کنيا، بئنڪن ۾ خصوصي ماڻهن جي ??اءِ ريمپ ٺاهيا ويا آهن ۽ خصوصي ڪائونٽر به قائم ڪيا ويا آهن، هن چيو ته احساس پروگرام ۾ 4 لک خصوصي ماڻهن کي رجسٽرڊ ڪيو ويو آهي ۽ کين 2 هزار روپيا ماهوار وظيفو ڏنو پيو وڃي، معذور ماڻهن کي پنهنجي ??يرن تي بيهارڻ ۽ معاشري جو مفيد شهري بڻائڻ اسان سڀني جي گڏيل ذميداري آهي. هن چيو ته نئين آدم شماري سان معذور ماڻهن جا درست انگ اکر سامهون ايندا ۽ ان سان بهتر پاليسي سازي ۾ مدد ملندي. انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اهو ڏينهن ملهائڻ جو مقصد خصوصي ماڻهن جي حقن کي اجاگر ڪرڻ ۽ کين حقن جي ??راهمي طرف دنيا ۽ حڪومتن جو ڌيان ڇڪرائڻ آهي، حڪومتن جي ذميداري آهي ته هو خصوصي ماڻهن کي برابر موقعا ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ جي ??اءِ قدم ۽ قانون سازي ڪن، موجوده حڪومت خصوصي ماڻهن کي انهن جا حق ڏيڻ لاءِ قانوسازي ڪئي آهي، انهن جي ??اءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا مختص آهي، جيڪي ادارا ان ڪوٽا تي عمل نه ڪري رهيا آهن انهن جي ??هرست جوڙي ورتي آهي، خصوصي ماڻهن جي ??اءِ نوڪرين ۾ ڪوٽا وڌايو وڃي،هن چيو ته انساني حقن واري وزارت خصوصي ماڻهن جي ??علومات تائين پهچ ۽ سهولت لاءِ موبائيل ايپ جاري ڪئي آهي جنهن جي ذريعي هو آن لائين درخواستون ڏئي سگهن ٿا، ون ونڊو آپريشن جي ??اءِ چڪ شهزاد ۾ ون ونڊو آپريشن سينٽر قائم ڪيو ويو آهي اسلام آباد جي سرڪاري ۽ پرائيويٽ اسڪولن ۾ خصوصي ماڻهن جي تعليم جي حوالي سان تعليم واري وفاقي وزارت سان معاهدي تي صحيحون ڪيون آهن، خصوصي ماڻهن جي خلاف سائزبر ڪرائيم ۽ گهريلو تشدد جي روڪٿام لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون، خصوصي ماڻهن کي عام شهرين جي برابر حقن جي ??راهمي ??قيني بڻائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون، سي بي ايم جي ڪنٽري ڊائريڪٽر سيد محمد علي شاهه چيو ته معاشري جي ذميداري آهي ته خصوصي ماڻهن جي سمورن شعبن ۾ برابر شرڪت يقيني بڻائي.