ڪوئيٽا – 15 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو آهي ته بلوچستان اسٽريٽجڪ لحاظ کان وڏي اهميت رکندڙ صوبو آهي، صوبي ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ به سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي، ڪوروان وائرس جي وبا جو قوم گڏجي مقابلو ڪيو ڇو ته ڪورونا وائرس وڏي آزمائش هئي جنهن ۾ خدا اسان کي ڪاميابي ڏني، وزيراعظم عمران خان جو واحد ليڊر آهي جنهن عام ماڻهو جي تڪليفن جو احساس ڪندي پاڪستان ۾ مڪمل لاڪ ڊائون نه هنيو، وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو ادراڪ آهي جنهن کي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪنداسين. اهڙن خيالن جو اظهار هن گورنر هائوس ڪوئيٽا ۾ قب??ئل?? اڳواڻن، واپاري نمائندن ۽ ٻين طبقن سان تعلق رکندڙ ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي بلوچستان جو گورنر سيد ظهور احمد آغا، صوبائي وزير سردار صاله ڀوتاڻي، محمد خان لهري، مبين خان خلجي، ظهور احمد بليدي، صوبائي محتسب نذر محمد بلوچ، ايم ڊي بلوچستان ايجوڪيشن فائونڊيشن پروفيسر شير زمان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته ڳالهين ذريعي ئي عوامي مسئلن جو بهتر حل ڳولي سگهجي ٿو اڄ جي ويهڪ انهي سلسلي جي هڪ ڪڙيءَ آهي. وقت ڏيڻ ۽ گورنر هائوس اچڻ تي قب??ئل?? اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان. عام ماڻهو جي مسئلن جو ادراڪ حڪومت جو فرض آهي. روانگي واپار ۽ آمدني واپار ۾ توازن آڻڻو پوندو حڪومت روانگي واپار وڌائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته عمران خان دنيا جو واحد وزيراعظم آهي جنهن ڪوويڊ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون جي مخالفت ڪئي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته بلوچستان وسيلن سان مالامال آهي. بلوچستان ۾ سياحت جا وسيع امڪان آهن ان لاءِ اسان کي گلگت بلتستان جي طرز تي بلوچستان ۾ سياحت کي هٿي ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام تحت 20 ارب رپين جا آسان قرض ڏنا ويا. پاڻي جي ض??ورت پوري ڪرڻ جي لاءِ ري سائيڪلنگ جي ض??ورت آهي. اسان کي پاڻي جي ض??ورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ روايتي طريقن کان هٽي ڪم ڪرڻو پوندو. هنچ يو ته سوئي گئس مان پوري ملڪ فائدو کنيو پر بلوچستان وڌيڪ فائدو نه کڻي سگهيو اسان کي بيمارين کان بچاءُ جي لاءِ جديد طريقا اختيار ڪرڻا پوندا. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته حڪومت زرعي شعبي ۾ وڏي سبسڊيز ڏيندي آهي. وفاق کي بلوچستان جي مسئلن جو مڪمل ادراڪ آهي جلد حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته سيڪيورٽي هوندي آهي تڏهن ئي سيڙپڪاري ايندي آهي. هن چيو ته وسيلن کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آڻڻو آهي. نوجوانن کي نوڪرين جي لاءِ ڪامياب جوان اسڪيم بهتر پروگرام آهي جنهن مان فائدو کڻڻ جي ض??ورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته گذريل سال ڪامياب جوان پروگرام جي ذريعي 20 ارب رپين جا ننڍا قرض ڏنا ويا. بلوچستان جي بارڊر تي قانوني واپار ۾ آسانيون پيدا ڪرڻ ۽ واپارين جي تجويزن بابت واپار واري وزارت ۽ ٻين ??اڳ??پيل عملدارن آڏو معاملو رکندس. بلوچستان ۾ سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري ۽ روزگار جا وڏا موقعا موجود آهن جنهن مان فائدو کڻڻ جي ض??ورت آهي. بعد ۾ قب??ئل?? اڳوا??ن پاران صدر کي بلوچستان جي روايتي پڳ پارائي وئي. قب??ئل?? اڳواڻن ۽ واپارين صدر کي صوبي جي مسئلن کان آگاهه ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي قب??ئل?? اڳواڻن، ڪوئيٽا چيمبر آف ڪامرس جي نمائندن، سول سوسائٽي جا مسئلا ڌيان سان ٻڌا ۽ انهن کي حل ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.