اسلام آباد – 19 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگ??ام اڄ جمعي تي توسيع جو اعلان ڪندو، وزيراعظم ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور ۾ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ خوراڪ جي 4 وڏين ٽرڪن جو به افتتاح ڪندو. وزيراعظم جي خاص مددگار سينيٽر ڊاڪٽر ثانيه نشتر ۽ پاڪستان بيت المال جي مينيجنگ ڊائريڪٽر ملڪ ظهير عباس ک??کر وزيراعظم کي پروگ??ام ۾ توسيع جي باري ۾ بريفنگ ڏيندا. احساس پروگ??ام تحت 5 شهرن ۾ 12 ٽرڪن جي ذريعي مستح?? ماڻهن کي ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي.
پروگ??ام جي تجربي کي هاڻي سگهه ڏئي وڌيڪ 7 شهرن ۾ وڌايو ويندو جنهن ۾ ملتان، گوجرانوالا ۽ لاهور به شامل آهن. 4 وڌيڪ ٽرڪن جي شموليت کانپوءِ ان منصوبي ۾ شامل ٽرڪن جو تعداد 16 ٿي ويندو، سرڪاري ذريعن خميس ڏينهن ٻڌايو ته هن سال آڪٽوبر تائين ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگ??ام کي چئني صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين توسيع ڏني ويندي جڏهن ته خوراڪ جي گاڏين جو تعداد 40 تائين پهچي ويندو. ”احساس ڪو به بکيو نه سمهي“ پروگ??ام جو مقصد مزدورن ۽ ڏهاڙي جي ڪم ڪندڙن ماڻهن ک?? مفت خوراڪ جي فراهمي آهي.
غريب طبقي ک?? مفت خوراڪ جي فراهمي سان کين پنهنجي روزاني جي ڪمائي بچائي ان کي پنهنجي گهرڀاتين تي خرچ ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هڪ ٽرڪ جي ذريعي روزاني هڪ هزار کان ڏيڍ هزار مستح?? ماڻهن کي مخصوص ماڳن تي خوراڪ فراهم ڪئي پئي وڃي. مستح?? ماڻهن کي هفتي جا ست ڏينهن ۽ سال جا 365 ڏينهن ٻن ويلن جو کاڌو فراهم ڪيو پيو وڃي. ”احساس ڪو به بکيو نه سمهي“ پروگ??ام جون ٽرڪون باورچي خانا کاڌو پچائڻ جي محفوظ ساز ۽ سامان سان ليس آهن، ٽرڪ جي رڌڻي مان کاڌو تيار ڪري ان کي محفوظ طريقي سان مستح?? ماڻهن ۾ ورهايو ويندو آهي.
لاهور، فيصل آباد، راولپنڊي، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ هن وقت تائين 8 لک 31 هزار 625 خوراڪ جا پيڪيٽ ورهائجي چڪا آهن. هلندڙ سال جي آغاز ۾ وزيراعظم اعلان ڪيو هو ته سال 2021ع ۾ ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگ??ام شروع ڪيو وڃي ته جيئن ڪو به ماڻهو بکيو نه سمهي، وزيراعظم عمران خان ان مقصد لاءِ 10 مارچ تي “احساس ڪير بکيو نه سمهي“ پروگ??ام جو باقاعده آغاز ڪيو جنهن جو مقصد، راولپنڊي، اسلام آباد جي گڏيل شهرن جي مستح?? ماڻهن ک?? مفت کاڌي جي فراهمي هئي. ان تجربي جي بنياد تي هاڻي ان پروگ??ام جو دائره ٻين شهرن تائين وسيع ڪيو پيو وڃي، احساس پروگ??ام جي نگراني ۾ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ٽرڪن جي آپريشنز جي ذميداري پاڪستان بيت المال خوراڪ جي آهي جڏهن ته سيلاني ويلفيئر انٽرنيشنل ٽرسٽ جي ذمي خوراڪ جي فراهمي آهي،
پروگ??ام کي سگهه ڏيڻ خاطر ماڻهن جي عطين لاءِ وزيراعظم ”احساس ڪير بکيو نه سمهي“ فنڊ قائم ڪيو ويو آهي، احساس ڪير بکيو نه سمهي پروگ??ام لاءِ عوام پنهنجا عطيا روڪ يا چيڪ جي ذريعي ڪمرشل بئنڪن ۾ جمع ڪرائي سگهي ٿي. عطيا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان بئنڪنگ سروسز ڪارپوريشن سڄي ملڪ جي 15 شهرن ۾ فيلڊ آفيسن ۾ به جمع ڪرائي سگهن ٿا.
ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ڪنهن به ڪمرشل بئنڪ ۾ بئنڪن جي ويب سائيٽس تي ان حوالي سان ڏنل اڪائونٽس ۾ موڪلي سگهن ٿا، احساس پروگ??ام عطين لاءِ فنڊز جي مينيجمينٽ جو طريقيڪار پاورٽي ايلويشن اينڊ سوشل سيفٽي ڊويزن جوڙي رهيو آهي ته جيئن فنڊز جي استعمال ۾ شفافيت رکي سگهجي.