اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سن?? ۾ مڪمل طور تي لاڪ ڊائون جي اجازت قطئي طور تي نه ڏني ويندي، مڪمل لاڪ ڊائون جي حوالي سان وفاقي حڪومت جي پاليسي واضح آهي، سپريم ڪورٽ به چئي چڪي آهي ته صوبا ان ڏس ۾ انفرادي فيصلو نٿا ڪري سگهن، آرٽيڪل 151 تحت ??اڪ??تان هڪ سن??ل مارڪيٽ آهي، ڪراچي جي بندرگاهه ??اڪ??تان جي معيشت جي شه رڳ آهي ۽ اهڙو قدم کڻڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي جنهن سان ??اڪ??تان جي معاشي شه رڳ متاثر ٿئي. سن?? حڪومت پاران مڪمل لاڪ ڊائون جي فيصلي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ وفاقي وزير چيو ته مڪمل لاڪ ڊائون جو ڪو به آپشن ڪنهن صوبي کي دستياب نه آهي، ڪورونا جي حوالي سان پاليسي وفاق ۽ اين سي او سي جاري ڪندا آهن ۽ صوبا ان تي عملدرآمد جا پابند آهن، هن چيو ته ??اڪ??تان ڪورونا جو ڀرپور طريقي سان مقابلو ڪيو آهي، هن وقت تائين اسان انساني جانيون بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۽ ملڪي معيشت به هاڻي پنهنجي پيرن تي بيهي رهي آهي. هن چيو ته وزيراعظم عمرا?? خان جو موقف آهي ته مڪمل لاڪ ڊائون سان مزدور، ڏهاڙيدار طبقو شديد متاثر ٿيندا آهن، هن چيو ته جيڪڏهن سن?? حڪومت ايس او پيز تي عملدرآمد ڪيو هجي ها ته اڄ ڪراچي ۾ صورتحال سن??ين نه هجي ها، هن چيو ته سن?? کي واضح طور تي پيغام ڏنو ويو آهي ته انفرادي فيصلا نٿا ڪري سگهجن، اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عملدرآمد ڪرڻ ضروري آهي.