اسلام آباد-20 ڊسمبر (اي پي پي) ڀارتي سينيئر ??فارتڪار کي پرڏيهي ??فيس طلب ڪري 19 ڊسمبر تي قابض ڀارتي فوجن طرفان لائن آف ??نٽ??ول جي رک چڪري سيڪٽر ۾ جنگبندي جي بنا جواز ڀڃڪڙين تي سخت احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو. ڀارتي فوج جي بنا جواز فائرنگ جي نتيجي ۾ اکوڙي ڳوٺ جي 25 ساله صفيره سخت زخمي ٿي پئي. پرڏيهي ??رجمان موجب سينيئر ڀارتي سفارتڪار کي پرڏيهي ??فيس طلب ڪري احتجاجي خط سندس حوالي ڪيو ويو ۽ کيس چيو ويو ته قابض ڀارتي فوج ايل او سي ۽ ورڪنگ بائونڊريءَ جو مسلسل ڀڃڪڙيون ڪندي آرٽلري، ڳرن ۽ خودڪار هٿيارن ذريعي عام شهريءَ کي نشانو ??ڻا??ي رهيون آهن. ڀارتي سفارتڪار کي ٻُڌايو ويو ته شهري آبادين کي ڄاڻي واڻي نشانو ??ڻا??ڻ انتهائي افسوسناڪ، انساني عظمت ۽ وقار، عالمي انساني حقن ۽ بين الاقوامي انساني قانونن جي سڌي ڀڃڪڙي آهي.