اسلام آباد ?? 16 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ?? پرامن ملڪ آهي، پاڪستان کي ڪمزور ڪرڻ جي لاءِ ڀارت ڪوڙ ۽ الزامن جو سهارو وٺندو آهي، ڊس انفوليب جي تازي رپورٽ ثابت ڪري ڇڏيو ته ڀارت ڪوڙ ۽ جعل سازي ۾ ان حد تائين وڃي سگهي ٿو، دنيا جي سڀ کان وڏي جمهوريت جو دعويٰ ڪندڙ هندستان پنهن??ي حرڪتن جي ڪري بي نقاب ٿي فاشسٽ ملڪ جي طور تي اڀريو آهي، ڀارتي هٿ??نڊ?? ۽ هندتوا نظريي مان خطي جي امن کي خطرا درپيش آهن. عالمي برادري جي خاموشي ۽ ٻٽو معيار سواليه نشان آهي، هو انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽيڊيز (آءِ ايس ايس) ۾ ”هند توا ذهنيت ۽ ڀارت جي توسيع پسنداڻي عزائم کي سم??هڻ??? جي عنوان سان منعقد سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.