اسلام آباد – 28 آڪٽوبر (ا?? پي پي) وزيراعظم عمر??ن خا?? پنجاب ۾ صنعتي ترقي خاص طور تي سيمينٽ جي صنعت جي ترقي ۽ فروغ جي حوالي سان ٿيندڙ اجلاس جي صدارت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير سردار عثمان بوزدار، اطلاعات واري صوبائي وزير فياض الحسن چوهاڻ، پنجاب جي چيف سيڪريٽري ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمر??ن خان کي پنجاب ۾ صنعتي ترقي جي سلسلي ۾ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو ويو جن ۾ اسپيشل اڪنامڪ زون جي جوڙجڪ، سمال انڊسٽريل انٽرپرائز جي حوصلا افزائي، لو??ل ۽ ٻاهرئين سيڙپڪاري ۽ هنرمند افرادي قوت تي ڌيان شامل آهي.