اسلام آباد – 05 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته 80 لک ڪشميري پنهنجي ??هرن ۾ قيدين جي زندگي گذاري رهيا آهن، ڀارت جي قابض فوج پاران وڏي پئماني تي انساني حقن جون سنگين خلاف ورزيون لڪائڻ جي لاءِ ٻاهرئين دنيا سان انهن جا مواصلاتي رابطا ڪاٽيا ويا آهن، ??وجوانن کي جعلي مقابلن ۾ عدالتن کان مٿانهون شهيد ڪيو پيو وڃي ۽ نام نهاد تلاشي جون ڪارروايون روزانو ٿي رهيون آهن ۽ ڪشمير جي حقيقي سياسي قيادت جيلن ۾ بند آهي، 5 آگسٽ 2019ع جو ڀارتي قدم غيرانساني فوجي ??هيراءُ ۽ مواصلاتي رابطن جو ڪاٽڻ انسانيت جي خلاف ڏوهه آهي. 5 آگسٽ 2019ع جي ??ارت جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدم کي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي ملهايو ويندڙ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي هڪ پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ت?? ڀارت جي غيرانساني فوجي ??هيراءُ ۽ مواصلاتي بندشن والاريل ??مو?? ۽ ڪشمير جي ماڻهن جي زندگين ۽ انهن جي روزگار کي تباهه ڪر?? ڇڏيو ۽ انهن جي سڃاڻپ کي خطري ۾ وجه?? ڇڏيو آهي. هن چيو ت?? ڀارت جي انتهاپسند ۽ توسيع پسنداڻي سوچ رکندڙ بي جي پي آر ايس ايس جي نمائند?? ڀارتي حڪومت هندوتوا ايجنڊا کي اڳتي وڌائي رهي آهي ۽ ڀارتي حڪومت خطي ۾ آبادي جي تناسب کي تبديل ڪرڻ چاهي ٿي ۽ مسلمان اڪثريت کي اقيت ۾ تبديل ڪرڻ جي ??وشش ڪري رهي آهي جيڪو گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل، عالمي قانونن ۽ خاص طور تي چوٿين جنيوا ڪنوينشن جي ??ليل خلاف ورزي آهي.