اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) آزاد ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر چيو آهي ته 5 آگسٽ تي پوري قوم ڀارت جي غاصباڻي قدم جي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائي??دي?? والاريل ڪشمير جي معصوم عوام اڪيلي نه آهي، اسان انهن سان گڏ بيٺل آهيون، 5 آگسٽ تي سينيٽ جو خاص اجلاس مظفرآباد ۾ ٿيندو. جاري بيان ۾ راجا فاروق حيدر چ??و ته مظفرآباد ۾ سينيٽ جو خاص اجلاس ڪشمير جي تحريڪ آزادي جي ڏس ۾ سنگ ميل ثابت ٿيندو، عالمي صحافي?? کي والاريل ڪشمير جي دوري جي اجازت نه ڏيڻ ڀارتي حڪو??ت جي خلاف چارج شيٽ آهي.