اسلام آباد – 30 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آ??ي ته پهرين والاريل ڪشمير تي غير قانوني قبضو ڪرڻ جي ڀ??رتي ڪوشش ۽ هاڻي 25 هزار هندستاني شهرين کي ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽ جاري ڪرڻ سميت والاري?? وادي ۾ آبادي جو تناسب بدلائڻ جا سمورا ڀارتي حربا سراسر غير قانوني ۽ چوٿين جنيوا ڪنوينشن سميت عالمي قانون ۽ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن جي منافي آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته مون ان معاملي تي گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري سان رابطو ڪيو آ??ي ۽ آئون ٻين عالمي اڳواڻن سان به ڳالهائي رهيو آ??يان. ان ناقابل قبول رخ ۾ ڀارت جي اڳڀرائي روڪڻ ضروري آهي، ان سان ڪشمير واسين جي قانوني ۽ عالمي طور تي ضمانت ٿيل حقن تي وڌيڪ راتاهو لڳندو. ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ امن ۽ سلامتي کي وڌيڪ نقصان پهچي سگهي ٿو.