اسلام آباد – 14 مئي (اي پي پي) سينيٽ ۾ قائد ايوان ۽ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته وفاقي حڪومت ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ غريب ماڻهن جي امداد لاءِ موثر حڪمت عملي اختيار ڪئي آهي، مخالف ڌر ان معاملي تي ??ياست نه ڪري، ??هڙ?? بحث ۾ نه پوڻ گهرجي جنهن سان معاشرو ورهائجي وڃي، مخالف ڌر چاهي ٿي ته معيشت جو ڏيوالپڻو ٿئي ۽ انهن کي اين آر او ملي وڃي. سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال تي ??حث ۾ حصو وٺندي وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته انهن ڊاڪٽرن، نرسن، پيراميڊيڪل اسٽاف، سيڪيورٽي فورسز، فلاحي تنظيمن کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جيڪي پنهنجي حياتي ??طري ۾ ??جه?? ان وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن، انهن جي قربانين کي آئون پنهنجي ساٿين پاران سلام پيش ڪريان ٿو، انهن جي اهاقرباني سدائين هن ملڪ جي تاريخ ۾ سنهري لفظن سان لکي ويندي، هن پوري وبا جو انٽرنيشنل تنا??ر آهي، اها ڪنهن مقامي علائقي جي نه آهي، اهو پاڪستان جو نه پوري دنيا جو مسئلو آهي.