اسلام آباد – 11 مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ گهٽتائي جو سبب وقت سر حڪومتي قدم آهن، وزيراعظم عمران خان روزاني جي بنياد تي سڄ?? صورتحال جي پاڻ مانيٽرنگ ڪري رهيو آهي، لاڪ ڊائون ۾ نرمي جو تازو فيصلو سمورين وفاقي ڌرين جي مشاورت سان ڪيو ويو آهي، عوام تي ??ه ذميواري ??اڳو ٿئي ٿي ته اها ان حوالي سان طئي ڪيل ايس او پيز تي سختي سان عمل ڪري، اسان جون ڪوششون ڪورونا ڪيسن جي غيرمعمولي اضافي کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿيون آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوويڊ 19 وڊيو ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.