اسلام آباد – 27 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ رومانيا سان گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي زور ڏنو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب ا??ڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ايران ۽ رومانيا جي سفيرن سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جن ساڻس جدا جدا ملاقات ڪئي. ايران جي عهدو ڇڏيندڙ سفير سيد محمد علي حسيني سان ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته پاڪستان ايران سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو ڇو ته ٻئي ڀائر ملڪ تاريخي رابطن ۽ ثقافتي وابستگي سان گڏوگڏ علائقائي ۽ عالمي اهميت جي معاملن تي هڪ جهڙا خيال رکن ٿا. هن ٻنهي ملڪن جي گڏيل فائدي جي ل??ءِ اقتصادي تعاون ۽ واپ??ري ڪاٿي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. صدر ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ ڀارت جي ٻين حصن ۾ مسلمانن جي خلاف ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي ظلمن ??و ذڪر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن کي الڳ ٿلڳ ۽ ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، مسلم دنيا کي مسلمانن جي خلاف ڀارتي ظلمن جو نوٽيس وٺڻ جي ضرورت آهي. صدر ڪشمير مسئلي تي ايراني حڪومت جي حمايت ۽ موقف تي ٿورا مڃيا. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايران ۽ سعودي عرب پاران سفارتي ل??ڳاپن کي معمول تي آڻڻ جي ل??ءِ کنيل تاريخي قدمن کي ساراهيندي چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا معمول تي اچڻ سان وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام ايندو. ملاقات ۾ دهشتگردي جي ل??نت جي خاتمي ل??ءِ دهشتگردي جي خاتمي جي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي پڻ زور ڏنو ويو. ايراني سفير سيد محمد علي حسيني ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي، ثقافتي ۽ سياسي تعاون وڌائڻ کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ٻنهي ملڪن ۾ اقتصادي تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي. هن چيو ته ٻنهي طرفن ڇهه بارڊر مارڪيٽن جي تعمير تي اتفاق ڪيو آهي جن سان ٻطرفي واپار کي فروغ ملندو. هن صدر کي بجلي جي پهچ جي ج??ري منصوبن کان آگاهه ڪيو جنهن سان بلوچستان جي عوام کي فائدو پهچندو. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ل??ءِ عهدو ڇڏيندڙ سفير جي تعاون کي ساراهيو. پاڪستان ۾ رومانيا جي سفير نڪولائي گويا پڻ صدر سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي صدر چيو ته رومانيا اوڀر يورپ جو هڪ اهم ملڪ آهي ۽ پاڪستان رومانيا سان واپار ۽ معيشت جي شعبن ۾ پنهنجي ل??ڳاپن کي وڌيڪ وڌائڻ جو خواهشمند آهي. هن رومانيا جي حڪومت جو جي ايس پي پلس اسٽيٽس ڏيڻ ۽ ان کي ج??ري رکڻ ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا. ملاقات ۾ اقتصادي ل??ڳاپن کي بهتر بڻائڻ ۽ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ل??ءِ اعليٰ سطح تي باقاعده مٽاسٽا ۽ ڳالهه ٻولهه جي ضرورت تي زور ڏنو. سفير آگسٽ/ سيپٽمبر 2021ع دوران افغ??نس??ان مان رومانيا جي شهرين جي انخلا ۾ پاڪستاني تعاون تي رومانيا جي صدر پاران پاڪستان جا ٿورا مڃيا.