جڪارتا-08 نومبر (اي پي پي) انڊونيشيا اسرائيلي فوج جي ترجمان جي انهن بيانن جي ترديد ڪئي آهي ته جن ۾ چيو ويو هو ته غزه ۾ انڊونيشيا جي مالي مدد سان تيار ٿيندڙ هڪ اسپتال جي هيٺان ح??اس جون سرنگهون آهن ۽ هي راڪيٽ حملن لاءِ هڪ پليٽ فارم سان جڙيل آهن. سعودي خابرو اداري موجب اتر غزه جي پٽي ۾ واقعي هي اسپتال انڊونيشيا جي فنڊزن ٺاهيو ويو هو، انڊونيشا جي پرڏيهي وزارت گذريل ڏينهن هڪ بيان ۾ چيو ته غزه ۾ انڊونيشي اسپتال هڪ اهڙي سهولت آهي ??يڪ?? اسان جي عوام انساني همدردي تحت غزه ۾ فلسطيني عوام جي طبي ضرورتن کي پورو ڪرڻ لاءِ تيار ڪئي آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان اقبال محمد چيو ته غزه ۾ اسپتال جي هيٺان سرنگهن جي موجودگي جو اسرائيلي الزام ڪوڙ آهي، اسپتال کي هلائڻ واري تنظيم (ايم اي آر – سي) ان ڳالهه جي ترديد ڪئي آهي ته اسپتال ح??اس جي استعمال هيٺ هئي، هي بيان اسرائيلي فوج جي ترجمان ڊينيئل هاگري جي اعلان ک??نپ??ءِ هڪ ڏينهن بعد ۾ سامهون آيو جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي هئي ته اسپتال هڪ اهڙي جڳهه تي ٺاهيوويو آهي جيڪو ح??اس جي سرنگهن جي نيٽ ورڪ کي لڪائي ٿو، هن چيو هو ته ح??اس اسرائيل تي راڪيٽ فائر ڪرڻ لاءِ ويجهي جڳهه کي اڏي طور استعمال ڪري رهي آهي.