اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ??يل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ جو بل 2024ع قومي ا??يمبليءَ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪيو ويو. قومي ا??يمبليءَ جي ا??لاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه رٿ پيش ڪئي ته ريگيولر ??يل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ بل 2024ع پيش ڪرڻ جي ا??ازت ڏني وڃي، جنهن جي ??ان??ن واري وزير مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته ان حوالي سان ڪجهه شيون پيچيده آهن، ان معاملي کي ??ان??ن ۽ انصاف واري وزارت جي پارلياماني ڪميٽيءَ کي موڪليو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي ئي بل موڪليو وڃي ۽ ق??نون وارو وزير به ان تي به پنهنجي راءِ ڏي. ??ان??ن واري وزير چيو ته ??ان??نسازي هڪ مستقل ڪم آهي ۽ اها بهتريءَ لاءِ ٿيندي آهي. کاتن جي ايلوڪيشن رول آف بزنس تحت ڪابينه وقت بوقت تبديل ڪندي رهندي آهي، جنهن کاتي طرفان بل ايوان ۾ ايندو آهي اهو ان کان ئي لاڳاپيل ڪميٽيءَ کي موڪليو ويندو آهي. ان موقعي تي سيد نويد قمر گذريل ڏينهن منظور ٿيل هڪ بل جو حوالو ڏنو جنهن جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته زميني رستن ذريعي ٿيندڙ واپار جي نگرانيءَ لاءِ ڊراءِ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل هو جنهن ۾ مختلف ادارن جي ڪوآرڊينيشن کي ا??ٽريم لائن ڪيو ويو آهي ۽ زميني رستن ذريعي واپار کي ريگيولرائيز ڪيو ويو آهي. بعد ۾ سيد خورشيد شاهه بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽيءَ حوالي ڪيو ويو.