راولپنڊي- 10 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪ فوج جي فيلڊ جنرل ڪ??رٽ مارشل ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جون خلاف ورزيون ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ جي الزامن ۾ ٻئي مرحلي ۾ باقائده چارج شيٽ ڪري ڇڏيو آهي. مٿس وڳوڙي ۽ بدامنيءَ جي ڪيترن ئي واقعن ۾ 9 مئي سان ڳنڍيل واقعا به جاچ ۾ ش??مل آهن. آءِ ايس پي آر ??طابق 12 آگسٽ 2024ع تي پاڪستان آرمي ايڪٽ جي لاڳاپيل شقن تحت ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد خلاف فيلڊ جنرل ڪ??رٽ مارشل جي ڪارراوئي شروع ڪئي وئي. فيلڊ جنرل ڪ??رٽ مارشل جي ٻئي مرحلي ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي باضابطه طور تي چارج شيٽ ڪيو ويو آهي، انهن چارجز ۾ سياسي سرگرمين ۾ ملوث هجڻ، آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خلاف ورزي ڪندي رياست جي تحفظ ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ، اختيارن ۽ سرڪاري وسيلن جي غلط استعمال ۽ ماڻهن کي ناجائز نقصان پهچائڻ ش??مل آهن. فيلڊ جنرل ڪ??رٽ مارشل جي عمل دوران ملڪ ۾ انتشار ۽ بدامني بابت پُرتشدد واقعن ۾ ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد جي ملوث هجڻ ??ابت ڌار جاچ به ڪئي پئي وڃي. ان تي تشدد ۽ بدامني جي واقعن ۾ 9 مئي سان جڙيل واقعا به جاچ ۾ ش??مل آهن. انهن ڪيترن ئي پرتشدد واقعن ۾ ناپاڪ سياسي عنصرن سان گڏجڻ ۽ ملي ڀڳت پڻ جاچ ۾ ش??مل آهن. فيلڊ جنرل ڪ??رٽ مارشل جي عمل دوران ليفٽيننٽ جنرل (ر) فيض حميد کي سمورا قانوني حق فراهم ڪيا پيا وڃن.