اسلام آباد – 04 – ڊسمبر (اي پي پي) ايڊيشنل ??رڏ??هي سيڪريٽري عمران احمد صديقي گڏيل قومن جي 10هين الائنس آف سولائزيشنز (يو اين اي او سي) گلوبل فورم ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪئي. ??رڏ??هي آفيس موجب يو اين اي او سي جي اعليٰ سطحي گروپ آف فرينڊز جي وزارتي ميٽنگ ۽ مذهبي جاين جي حفاظت تي عالمي ڪانفرنس ڪاسڪيس پرتگال ۾ منعقد ٿي. ڪانفرنس ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ وفد ۾ پرتگال ۾ پاڪستان جو سفير خالد اعجاز پڻ شامل هو. عمران احمد صديقي ان موقعي تي اسلامو فوبيا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ?? مسجدن تي ڄاڻي واڻي حملن، جيڪي اڪثر ڇوٽ ۽ رياستي اجازت سان ڪيا وڃن ٿا، ۾ خطرناڪ حد تائين اضافي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن يو اين اي او سي تي زور ڏنو ته اها تباهي جي خطري ?? ورتل مسجدن ۽ ٻين اسلامي مذهبي ۽ ثقافتي ورثو رکندڙ جاين جي تحفظ کي ترجيح ڏي.