قاهره – 19 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته ??نڊ??نيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي، کاڄرو تيل جي ضرورتن جو گهڻو ??صو ان کان ئي برآ??د ڪريون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن س??براهي اجلاس جي موقعي تي ??نڊ??نيشيا جي صدر پرابوو سوبيانتو سان ملاقات دوران ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف پرابوو سوبيانتو کي ??نڊ??نيشيا جي صدر جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. ٻنهي اڳواڻن ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن بشمول سياسي، واپاري ۽ اقتصادي معاملن کانسواءِ گهڻ رخي فورمز تي تعاون پڻ شامل آهي. ٻنهي اڳواڻن اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ٻطرفن لاڳاپن کي برقرار رکڻ جي لاءِ ويجهي رابطي ۾ رهڻ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ??نڊ??نيشيا پاڪستان جو ڀروسي جوڳو واپاري حصيدار آهي. هن خاص طور تي پام آئل فراهم ڪندڙ ملڪ جي طور تي ??نڊ??نيشيا جي ڪردار کي ساراهيو ڇو ته پاڪستان کاڄرو تيل جون ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ گهڻو ??صو ??نڊ??نيشيا کان درآ??د ڪري ٿو. آسيان ۽ ان جي ميمبر ملڪن س??ن رابطي جي حوالي سان پاڪستان جي گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان جي آسيان ۾ سيڪٽورل پارٽنر جو درجو حاصل ڪرڻ ۽ آسيان علائقائي فورم جي ميمبرشپ جي لاءِ ??نڊ??نيشيا جي حمايت کي ساراهيو. وزيراعظم اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان ??نڊ??نيشيا جي تعاون ۽ حمايت سان آسيان جو مڪمل ڊائيلاگ پارٽنر بڻجندو. وزيراعظم محمد شهباز شريف صدر پرابوو سوبيانتو کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني جيڪا هن قبول ڪري ورتي. ٻنهي اڳواڻن فلسطين جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ، غزه ۾ جنگبندي ۽ فلسطين مسئلي جي حل لاءِ هڪ جامع طريقيڪار اختيار ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي اڳواڻن هڪ خودمختيار فلسطيني رياست جي قيام، جنهن جون س??حدون 1967ع کان اڳ جي طرز تي هجن ۽ جنهن جي گادي وارو شهر القدس الشريف هجي، جي قيام جي لاءِ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو.