??ون??ه بئراج/ ڪوٽ ادو – 22 – نومبر (اي پي پي) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو آهي ته ڪڇي ڪئنال هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. ??ون??ه ۾ ڪڇي ڪينال منصوبي جي بحالي جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز شريف چيو ته سڀني کي پنجاب جي ڌرتيءَ تي ڀليڪار چئون ٿا، هي هڪ واهه نه آهي پر پنجاب مان نڪرندڙ بلوچستان جي خوشحالي جو رستو آهي، ان منصوبي تي نواز شريف جي دور ۾ شروعات ٿي ۽ تڪميل به سندس ئي دور ۾ ٿي. هن چيو ته نواز شريف جي چئني صوبن کي ڳنڍڻ ۽ ملڪ جي سلامتي، ترقي ۽ معاشي خوشحالي جي رستي تي شهباز شريف ڪاربند آهي، سندس دل ۾ ??اڪ??تان جو درد آهي ته هو ان جي لاءِ ڪجهه ڪري، ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ملڪ ۾ روزانو خوشحالي جي خبر اچي رهي آهي، شهباز شريف جي اقتدار ۾ اچڻ کان اڳ روزانو ??اڪ??تان جي ڊيفالٽ ڪرڻ جون خبرون اينديون هيون پر هاڻي اسٽاڪ مارڪيٽ تيزي سان مٿي، ناڻي واڌ هڪ انگ تي اچي وئي آهي، ان سان ??اڪ??تانين جي خريداري جي سگهه وڌي آهي، ماڻهو خوش آهن ۽ ڪنهن احتجاج تي ڌيان نه ڏئي رهيا آهن، انهن جو گذريل چئن سالن جي دور ڏوهاري غفلت جو دور هو، انهن جي ايجنڊا گهيراءُ جلاءُ آهي، پنجاب جي عوام کي ان فتني کان ڪيئ?? تحفظ ڏيڻو آهي آئون ڄاڻان ٿي، ??اڪ??تان کي الله پاڪ ان فتني کان محفوظ رکي. هن چيو ته اڄ هر شيءَ ۾ بهتري جو ڪريڊٽ مسلم ليگ (ن) جو آهي. هن چيو ته ملڪ ۾ جڏهن ترقي اچي ٿي ته ان وقت مسلم ليگ (ن) اقتدار ۾ هوندي آهي. هن چيو ته گذريل ڏينهن هڪ گهريلو عورت ??اڪ??تان جي ڀائر دوست ملڪ تي حملو ڪيو آهي، اهو ملڪ ??اڪ??تان جو محسن ملڪ آهي جيڪو سدائين ??اڪ??تان جي مدد لاءِ آي??، ان بيان جي ??اڪ??تان تي اثرن جو انهن کي ان??از?? نه آهي.