اسلام آباد-21 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال پاڪستان سول ايوي ا??شن اٿارٽي ۽ پاڪستان ايئرپورٽ اٿارٽي جي نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي هاڻوڪي ا??تتاح کانپوءِ ان جي ڪمرشلائيزيشن لاءِ جامع منصوبو تيار ڪرڻ ۾ دير تي سخت ڇنڊ پٽي، اعليٰ سطحي اجلاس جي صدارت ڪندي وفاقي وزير احسن اقبال گوادر کي عالمي ا??ئر لائنز لاءِ ڌيان جو مرڪز بڻائڻ جي ا??ميت تي زور ڏيندي خبردار ڪيو ته جيڪڏهن افتتاح جي 6 مهينن اندر ايئر لائنز کي ا?? طرف راغب نه ڪيو ويو ته ان جي ڪاميابي جا امڪان گهٽجي ويندا. هن ڏکڻ آفريقا ۽ آسٽريليا جهڙن خطن مان ڊگهي فاصلي جي اڏامن کي راغب ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ پنج سالن لاءِ سستي اگه?? تي فراهم ڪرڻ جي تجويز ڏني. چين جي حڪومت 230 ملين ڊالرن جي تعاون سان تعمير ڪيل نئين گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو رن وي 3648 ميٽر?? تي ٻڌل آهي. ان جي مسافر ٽرمينل بلڊنگ جي ا??راضي 14،000 چورس ميٽر آهي ۽ ان ۾ پوليس اسٽيشن، سيڪيورٽي، گودام ۽ ٻيون ضروري عمارتون، عوامي سهولتون، (پاڻي ۽ بجلي جي فراهمي، ايڇ وي ا?? سي وغيره) هوائي ٽريفڪ ڪنٽرول سهولتون، ڪميونٽي اسپتال، اسڪول، رهائشي علائقا ۽ ٻيون سهولتون شامل آهن. ايڊيشنل ڊي جي پي ا?? اي ا??ئر وائيس مارشل ذيشان سعيد وفاقي وزير کي سيڪيورٽي ا??تظام?? تي بريفنگ ڏني ۽ ڊسمبر تائين آپريشنل ڪليئرنس جي خاطري ڪرائي. پروجيڪٽ ڊائريڪٽر نيو گوادر ايئرپورٽ فيض الله خٽڪ ۽ ڊي جي ڪمرشل پي سي ا?? اي عبدالباس سرڪاري کاتن، گودامن لاءِ رکيل پلاٽن ۽ ٽينڊرز سميت جاري قدم?? تي اڳڀرائي کان آگاهه ڪيو، جڏهن ته وفاقي وزير احسن اقبال ڪمرشلائيزيشن رٿابندي ۾ ٻن سالن جي دير تي مايوسي جو اظهار ڪيو ۽ پي سي ا?? اي کي هدايت ڪئي ته ايئر لائنز کي راغب ڪرڻ، ڪارگ?? سهولتو?? تيار ڪرڻ ۽ عالمي پارٽنرشپ قائم ڪرڻ جي ڪوششن کي تيز ڪن، مارڪيٽ تي ٻڌل حڪمت عملي جي ضرورت تي زور ڀريندي احسن اقبال چيو ته ايئرپورٽ جي ا??تتاح کان پهرين مارڪيٽ تجربو ڪرڻ گهرجي ها. هن نشاندهي ڪئي ته عمان ۽ دبئي ۾ فني لينڊنگ ڪندڙ عالمي ا??ئر لائنز گوادر کي هڪ گهٽ لاڳت متبادل طور ڏسي سگهن ٿيون ۽ آفيسرن کي هدايت ڪئي ته اهي ا??ن جي آءِ اي کي ا?? جي مطابق پيش ڪن. هن مسافرن جي اچ وڃ سان گڏوگڏ ايئر ڪارگ?? سهولتن جي قيام تي زور ڀريندي پي سي ا?? اي کي هدايت ڪئي ته هو ڊي ا??ڇ ايل ۽ فيڊيڪس جهڙين عالمي لاجسٽڪس ڪمپنين سان شروع ڪن ۽ ڪارگو يوٽيلٽي کي ترجيح ڏين، عمل??ار?? ٻڌايو ته اين جي آءِ اي ساليانو 4 لک مسافرن کي سنڀالڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جنهن کي عالمي سطح تي 16 لکن تائين وڌائي سگهجي ٿو، ايئرپورٽ جي استعمال کي وڌائڻ لاءِ وفاقي وزير ڪمرشل سهولتن جهڙوڪ ريسٽورنٽس، ڊيوٽي فري شاپس، تفريحي سهولتن جي ترقي تي زور ڀريو. بئنڪاڪ جي ڊان موانگ ايئرپورٽ جو مثال ڏيندي جتي رن ون وچ ۾ هڪ گولف ڪورس موجود آهي، هن مسافرن ۽ ڪاروباري ا??ار?? جو ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ايئرپورٽ جي غير استعمال ٿيل زمين کي ا??ڙي طرح تخليقي منصوبن لاءِ استعمال ڪرڻ جي تجويز ڏني. وفاقي وزير اجلاس جي پڄاڻي تي پي ا?? اي عمل??ار?? کي ٽن هفتن اندر هڪ جامع ڪمرشلائيزيشن منصوبو پيش ڪرڻ جي ڊيڊ لائين ڏني جنهن ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي شامل ڪرڻ جي واضح ٽائيم لائنز ۽ حڪمت عملي شامل هجي.