اسلام آباد – 12 – نومبر (اي پي پي: صنم جُوڻيجو) اسلام آباد ۾ ساليانو لوڪ ميلو شروع ٿي ويو آه??، ميلي ۾ سنڌ جي ثقافت جا رنگ ماڻهن کي سڀ کان وڌيڪ پاڻ ڏانهن ڇڪي رهيا آه??، مختلف اسٽالن تي موجُود ثقافتي رليُون، اجرڪُون، کيس، لويُون، کٿا، ٽوپيُون ۽ سنڌي رقص ۽ موسيقي سڄي ميلي ۾ ماڻهن جي ڌيا?? جو مرڪز بڻيل آه??،
اسلام آباد ۾ ساليانو لوڪ ميلو 8 نومبر کان شروع ٿي ويو آه?? جيڪو ڏهه ڏينهن جاري رهندو، لوڪ ميلي 2024ع ۾ پوري ملڪ جي ثقافت جا رنگ ڏسڻ ۾ اچي رهيا آه??، پر سڀ کان وڌيڪ رنگ سنڌ جا نکري بيٺل آه??، ميلي ۾ سنڌ جي هٿ جي هنر جا لڳل اسٽال ۽ سنڌ پويلين ۾ ٺاهيل سنڌ جي اوطاق ماڻهن جي ڌيا?? جو مرڪز بڻيل آه??. لوڪ ميلي ۾ جٿي سڀني صوبن جي ثقافت کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڪيترائي اسٽال لڳايا ويا آه?? اُتي سڀ کان خوبصورت اسٽال سنڌ پويلين ۾ هُجڻ جي ڪري ماڻهن جي رش وڌيڪ آه??، سنڌ پويلين ۾ سنڌ جي مختلف علائقن مان هنرمند پنهنجا پنهنجا اسٽال هڻي ويٺل آه?? جن ۾ هٿ جي هُنرن کان ويندي شڪارپُور جي مشهُور سانڌاڻي، ماوي جا اسٽال شامل آه??، جٿي هرمند پنهنجو هُنر پيش ڪري رهيا آه?? جڏهن ته فنڪار پنهنجي ف?? جو مظاهرو ڪري رهيا آه??، سنڌ ثقافت کاتي جي ڊائريڪٽر حبيب الله ميمڻ اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن ڀيري اسلام آباد ۾ لڳل لوڪ ورثه جي سالياني ميلي ۾ 36 اسٽال هنيا ويا آه??، هِن چيو ته اسان جي ڪوشش آه?? ته اسان سنڌ جي ثقافت کي اُجاگر ڪريُون ۽ هر سال هتي اچ?? جو مقصد به اهوئي آه??، هن چيو ته سنڌين کانسواءِ ٻين زبانن جا ماڻهو پڻ سنڌ پويلين جي اسٽالز تان خريداري ڪري رهيا آه?? ۽ ان کانسواءِ آرڊر پڻ ڏين ٿا.
مختلف شين کي ڀرت ڀري سنڌي رُوپ ڏيندڙ صنم سيهڙو جو ڪم سڀ کان مختلف ۽ اهميت رکندڙ هو، هُن مختلف شين تي ڀرت ڀري انهن کي سنڌي رُوپ وٺرايو آه??، اي پي پي سان ڳالهائيندي صنم چيو ته مُنهنجي ڪوشش آه?? ته هر استعمال ٿيندڙ شيءَ کي ڀرت ڀري سنڌي ٿقافت جو حصو بڻايان، هُن مُرڪندي چيو هر شيءَ ڀلي کڻي خوبصورت هُجي پر جڏهن اها سنڌي ويس اوڍي ٿي ته اُن جي خوبصورتيءَ ڏهُوڻ تي وڌي وڃي ٿي، هِن چيو ته مُون پرس کان ويندي، گُلدان، مختلف زيورن تي سنڌي ڀرت ڀري انهن کي سنڌي ثقافت جو حصو بڻايو آه??.
هٿ جي هُنر جي ماهر ڪاريگر محمد علي حسن جنه?? جو تعلق مٽياري سان هو تنهن اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻُڌايو ته منهنجو والد ڪيترن ئي سالن کان لوڪ ميلي ۾ اسٽال لڳائيندو هو ۽ هاڻ آئُون اهو اسٽال هڻي رهيو آه??ان. هِن پنهنجي والد جي هُنر جي حوالي سان چيو ته منهنجي والد ڀٽ ڌڻي جي روضي جو سڄو نقش چادر تي چِٽيو هو. جڏهن ته اُن موقعي تي موجود محمد علي جي والد استاد لقمان ٻڌايو ته منهنجي دلي خواهش هئي ته اها چادر آئون نيلام گهر ۾ پيش ڪريان. نيلام گهر جڏهن ڪراچي ۾ نشر ٿيندو هو ته مون ڪافي ڪوشش ڪئي ته اها چادر اُتي ڏيکاريان پر اهو ممڪن نه ٿي سگهيو ۽ پوءِ نيلام گهر لاهور مان ڪاسٽ ٿيڻ شروع ٿي ويو جنهن جي ڪري منهنجي اها خواهش اڌُوري رهجي وئي. استاد لقمان ٻڌايو ته هٿ جي هنر جي گهرج گهٽ ٿي وئي آه?? ۽ ڪاروبار ايترو خاص نه پيو هلي، مشين جي ڪم جي گهرج وڌي وئي آه?? ۽ ماڻهن کي اصل ۽ نقل جي فرق جي خبر نٿي پوي. ان جي ڪري هٿ جي ڪم جي گهرج تمام گهڻي گهٽ ٿي وئي آه??، پر اڃان به کوڙ قدردان موجود آه??، جيڪي هٿ جي هُنر کي مان ڏين ٿا.
خيرپور جي بادشاهه زادي ٻڌايو ته هوءَ هتي 10 سالن کان اسٽال لڳائي رهي آه??. بادشاهه زادي پنهنجي اسٽال تي رليءَ جو ڪم پُڻ ڪندي رهي، هن ٻڌايو ته هوءَ ڪيترن ئي سالن کان رليءَ جو ڪم ڪري رهي آه?? ۽ ماڻهو رلين جي ڪم کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته ماڻهو هتي ڪم ڏس?? وڏا وڏا آرڊر پڻ ڏين ٿا. جنهن کي آئون سنڌ ۾ وڃي پورو ڪري هنن وٽ پهچائيندي آه??ان. هن ٻڌايو ته گهڻو ڪري ٻين زبانن جا ماڻهو منهنجي ڪم کي پسند ڪن ٿا. مه??نگ??ئي جي ڪري ڪاروبار گهٽ ٿي ويو پر ان جي باوجود ڪم سٺو هلي رهيو آه??.
مٺيءَ واسي روي جنهن جي اسٽال تي هٿ جون ٺهيل ۽ خاص طور تي چرخي تي ٺهيل کيس ۽ شالون ماڻهن جي ڌيا?? جو مرڪز هُيُون، تنهن اي پي پي کي ٻڌايو ته منهنجي امڙ انيتا چرخي جو ڪم ڪندي آه??. هن ٻڌايو ته سڀ کان اڳ ڪپهه مان ڌاڳو ٺاهيو وڃي ٿو ۽ ان کي مختلف قسم جا رنگ لڳائي شالون ۽ کيس ٺاهيا وڃن ٿا. روي ٻڌايو ته اسان هٿ جي ڪم کانسواءِ مشي?? جو ڪم پڻ ڪندا آه??ون. ڪجهه ماڻهن کي مشي?? جو ڪم پسند آه??. روي ٻڌايو ته مشي?? جو ڪم سستو هجڻ جي ڪري ماڻهو مشين جي ڪم کي پسند ڪن ٿا. هٿ جا ٺهيل کيس ۽ شالون ٿوريون مهانگيون هجڻ سبب انه?? جو پاڪستان ۾ وڪرو گهٽ ٿي ويو آه?? پر ٻاهران آيل ماڻهو هٿ جي شال ۽ کيس کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته مشي?? جو ڪم مضبُوط نه آه?? پر هٿ جو ڪم مضبُوط هجڻ سبب گهڻو وقت جٽاءُ ڪري ٿو.
لوڪ ميلي ۾ لڳل مٺائي جي اسٽال تي موجُود لاڙڪاڻي واسي محمد علي ٻڌايو ته هو 25 سالن کان لوڪ ورثه ۾ ماوي ۽ پيڙ?? جو اسٽال لڳائي رهيو آه??. هن ٻڌايو ته اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين کانسواءِ پاڪستان ۾ رهندڙ چيني شهري به منهنجي مٺائي کي تمام گهڻو پسند ڪن ٿا. هن ٻڌايو ته لاڙڪاڻي جا ٺهيل پيڙا سڀ کان وڌيڪ ماڻهن کي پسند اچن ٿا. ان کانسواءِ هن ٻڌايو ته نج کير مان ٺهيل مائو ۽ ڏُونگهيءَ جي مٺائي پڻ ماڻهن کي تمام گهڻي پسند اچي ٿي.
جڏهن ته لوڪ ميلي ۾ سنڌ ميوزيڪل نائٽ 15 نومبر جمعي تي منعقد ٿيندي، جنهن ۾ صنم ماروي، طفيل سنجراڻي ۽ ٻيا فنڪار پنهنجي ف?? جو مُظاهرو ڪندا. لوڪ ميلي ۾ سڀني صوبن جي لاءِ ميوزيڪل نائٽ جي رات مخصوص هُوندي آه?? ۽ هِن ميلي ۾ سنڌ ميوزيڪل نائٽ 15 نومبر تي ٿيندي جنهن ۾ صنم ماروي، طفيل سنجراڻي، سهراب فقير جا فرزند سلامت ۽ رجب، شهنيلا علي، فراز ۽ جوڳي ميوزيڪل نائٽ ۾ پنهنجي ف?? جو مظاهرو ڪندا ۽ اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌين کي تفريح فراهم ڪندا.
جڏهن ته لوڪ ميلي ۾ پهريُون ڀيرو ثقافت کاتي پاران ڪتاب?? جو اسٽال نه لڳايو ويو. هر سال ميلي ۾ ثقافت کاتي پاران لڳندڙ اسٽال تي ثقافت کاتي ۽ سنڌي ادبي بورڊ پاران ڇپايل ڪتاب وڪري لاءِ موجُود هوندا هُئا، اسلام آباد ۾ رهندڙ سنڌي شاعري، نثر، سنڌ جي تاريخ سميت مختلف موضوعن تي پنهنجي پسند جا ڪتاب خريد ڪندا هُئا، هِن سال استال نه لڳڻ جي ڪري ماڻهُو اسٽال کي ڳوليندا رهيا، ان حوالي سان ثقافت کاتي جي حبيب الله ميمڻ ٻڌايو ته جيڪو ماڻهو ڪتاب?? جو اسٽال هڻندو اهو ڪينسر سبب لاڏاڻو ڪري ويو آه??، جڏهن ته ٻئي کي چڪن گونيا ٿي پئي آه?? جنهن جي ڪري هن ڀيري اسٽال نه هنيو ويو آه??، ان جي باوجود اسان بڪ پاڻ سان گڏ کڻي آيا آه??ون.
سنڌ جي سياحت جي حوالي سان ماڻهن کي معلومات فراهم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سياحت کاتي جي ريجنل مئنيجر گلزار احمد مخدوم اي پي پي کي ٻڌايو ته اسا?? جو کاتو 5 سالن کان هتي اسٽال لڳائي رهيو آه??، سياحت کي فروغ ڏيڻ لاءِ ڪوششُون ڪيُون پيُون وڃن ۽ سياحتي دورا پُڻ ڪرايا وڃن ٿا. هن ٻڌايو ته هن ڀيري اترين علائقن ۾ وڃڻ تي پابندي سبب ڪيترائي سياح سنڌ طرف اچي رهيا آه??، اسلام آباد مان پڻ اسان سياحن کي سهولتون ڏئي رهيا آه??ون ۽ مختلف ٽوئر پئڪيجز متعارف ڪيا آه??. هن چيو ته گهڻا سياح موه?? جو دڙو، رني ڪوٽ، شاهه عبداللطيف ڀٽائي، گورک هِل اسٽيشن، ڪينجهر ڍنڍ کي ڏسڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪن ٿا جڏهن ته ان کانسواءِ مڪليءَ کي ڏسڻ لاءِ پُڻ ڪيترائي سياح اچن ٿا، جڏهن ته اڪثر سياح گڊو بئراج، ڪارونجهر جبل، لعل شهباز قلندر، پڪو قلعو، رني ڪوٽ، ڪيٽي بندر، ڀنڀور، مهتا پيليس جهڙين جاين تي وڃڻ پسند ڪندا آه??.