دوحه – 01 – نومبر (اي پي پي) قطر جي نمايان ڪاروباري شخصيتن وزيراعظم محمد شهباز شريف جي دعوت تي پاڪستان ۾ توانائي ۽ انفراسٽرڪچر سميت مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان قطر بزنس مين ايسوسيئيشن (ڪيو ب?? اي) جي وقد شيخ فيصل بن قاسم ??لث??ني جي سربراهي ۾ ملاقات ڪئي. وفد ۾ قطر جي اهم ڪاروباري شخصيتن جن ۾ المنا گروپ جي وائيس چيئرمين ۽ س?? اي او سعود بن عم بن حمد المنا، منائي ڪارپوريشن ج?? ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر خالد احمد المنائي، چيئرمين ايم ا?? اين اي ۽ ڊوئچي بئنڪ جي چيف ڪنٽري افيسر صلاح محمد جيده، منصور جاسم ??لث??ني گروپ جي چيئرمين ش??خ منصور بن جاسم ??لث??ني، بليو سيلون جي س?? اي او نبيل ابو عيسيٰ ۽ ڊائريڪٽر سينڊين گروپ يوسف ابراهيم المحمود سميت معيشت جي اهم شعبن جا بااثر اڳواڻ شامل هئا. ملاقات ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ گڏيل هدفن جي نشاندهي تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم محمد شهباز شريف قطر جي ڪاروباري اڳواڻن کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي باضابطا دعو?? ڏيندي پاڪستان جي سيڙپڪاري جي لاءِ پرڪشش جڳهه جي حيثيت سان توانائي، انفراسٽرڪچر ۽ ٻين اهم اقتصادي پراجيڪٽس جي شعبن ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي روشني وڌي. وفد پاڪستان جي اقتصادي منظرنامي خاص طور تي توانائي، ٽيڪنالاجي ۽ بنيادي ڍانچي جي ترقي ج?? ايندڙ منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو. ملاقات دوران پاڪ قطر اقتصادي لاڳاپن ۽ ان حوالي سان وڌيڪ امڪاني تعاون جو جائزو ورتو جيڪو ٻنهي ملڪن ۾ روزگار جي تخليق ۽ پائيدار ترقي کي اڳتي وڌائڻ ۾ مددگار ثابت ٿي سگهي ٿو. وفد وزيراعظم جي دعوت جو مثبت جواب ڏيندي پاڪستان جي توانائي ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ۽ قطري وفد اقتصادي استحڪام ۽ ترقي کي سگهه ڏيڻ جي لاءِ ٻطرفي تعاون جي اهميت تي زور ڏنو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار، دفاع وار?? وفاقي وزير خواجه محمد آصف، واپار وار?? وفاقي وزير ڄام ڪمال خان، ناڻي ۽ اوڳاڙين وار?? وفاقي وزير محمد اورنگزيب ۽ اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ پڻ موجود هئا.