اسلام آباد – 10 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته الله جو شڪر آهي جنهن قائد محمد نواز شريف سميت اسان کي بطور پارٽي سياسي انتقام ۾ انڌي سياسي مخالف ٽولي جر هر ڪوڙ، بي بنياد ڪيسن ۽ عوام جي خدمت جي هر امتحان ۾ سرخرو فرمايو. هڪ ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ئي نه نيشنل ڪرائيم ايجنسي ۽ برطانيا جي عدالتن جي فيصلن ۾ ڪوڙ جي سوداگرن جي هر سوال جو شافي ۽ ڪاف?? جواب موجود آهي، تازه ترين مثال احتساب عدالت لاهور جو ??لا?? الاٽمينٽ ريفرنس جو فيصلو آهي جنهن ۾ واضح لکيل آهي ته نواز شريف ”سياسي انتقام جو نشانو بڻيو، ڪيس هو نه، ٺاهيو ويو“ ان ڪوڙ کي ريفرنس جو نالو ڏيندڙ گناهگارن کي الله ۽ عوام کان معافي وٺڻ گهرجي پر اهو به اهو ڪري سگهي ٿو جنهن جي دل ۾ خدا جو خوف هجي، توبه جي توفيق کان محروم ”عذر گناهه بدتر از گناهه جو عبرتناڪ مثال بڻجي وڃن ٿا جن جي دلين تي خدا تالا لڳائي ڇڏي ٿو”. هن چيو ته مريم نواز شريف سميت اسان جي ڀينرن ۽ ڌيئرن کي ناحق جيلن ۾ قيد ڪيو ويو، چادر ۽ چارديواري جي حرمت پائمال ٿي، 15 ڪلو هيروئن جا جعلي ڪيس ٺاهيا ويا، الله جا قسم کڻي ڪوڙ ڳالهايو ويو، طيبه گل جي اغواڪارن جو ٽوئيٽ به ان جي ڪوڙن ڪيس ۽ قسمن وانگر آهي. وزيراعظم چيو ته ڪرپشن، ڦرلٽ ۽ قوم جي خلاف ڏوهن ۾ عدالتن کي منهن ڏيڻ جي جرئت نه رکندڙ ڊگهي منصوبابندي ۽ مسلسل ذهن سازي سان 9 مئ?? جو ڪارو ڏينهن ڪرايو، پاڪستان ۾ گهرو ويڙهه ۽ ادارن کي عوام سان ٽڪرائڻ جي ڪڌي سازش ??ئي جيڪا الله تعاليٰ جي فضل ۽ عوامي شعور جي ڪري ناڪام ٿي وئي. وزيراعظم چيو ته 9 مئ?? جو فائدو رڳو پاڪستان دشمنن کي ٿيو. لاتعداد وڊيوز، بيانن ۽ ناقابل ترديد ثبوتن جي موجودگي تي پروپئگنڊه ۽ ڪوڙ تي ٻڌل هر ٽوئيٽ تي ڪيترائي ڀيرا وزني آهي، پيٽرول بم، شهيدن جي يادگارن، سڙيل عمارتن، مسجدن، اسڪول، ايمبولينسز، ريڊيو پاڪستان جي خاڪستر عمارت تي ڪوڙي کي ڪوڙ ثابت ڪرڻ جي لاءِ ڪافي آهي جنهن جي گرفتاري کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي فيصلي ۾ صحيح قرار ڏنو ويو. ڪوڙن ڪيسن جي با??جود اسان عدالت وياسين، توهان به جرئت ڪريو. جيڪڏهن هٿ صاف هوندا ته مني لانڊرنگ جي حقيقتن تي ٻڌل فنانشل ٽائيمز جي تحقيقاتي خبر کي برطانيا جي عدالت ۾ چئلينج ڪريو جيئن مون ڊيلي ميل جي ڪوڙ کي بي نقاب ڪيو هو پر ان جي لاءِ سچائي، ثبوت ۽ دليري گهربل آهي.