اسلام آباد – 21 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته عالمي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ اهم مطالبو رهيو آهي، ان نظام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي ن??رثاني جي ضرورت آهي، فرانس جي دوري دوران انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن جي ن??ين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي پاڪستان جو موقف رکن??س. ??نهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عالمي مالياتي ڍانچي جا سڌارا ڊگهي عرصي کان هڪ مطالبو رهيو آهي جيڪو عوامي پاليسين جي ماهرن، پاليسي پريڪٽيشنرز ۽ عالمي اڳواڻن پاران مختلف فورمن تي ڪيو ويو آهي. هن چيو ته موسمياتي تبديلي، قدرتي آفتن، ماحوليات، قرضن جي وڌندڙ سطح ۽ توانائي جي منتقلي جهڙن چئلينجن جي سنگين نوعيت خطري جي گهنٽي وڄائي ڇڏي آهي. مسئلن جي عالمگيريت عالمي مالياتي ن??ام کي نمائنده ۽ برابر بڻائڻ جي لاءِ ان تي ن??رثاني ڪرڻ جي لاءِ تخليقي موقف جي ضرورت کي جنم ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته هي اها جڳهه آهي جتي فرانس ۾ نيو گلوبل فنانسنگ پيڪٽ سمٽ دنيا جي لاءِ هڪ منفرد موقعي جي نمائندگي ڪري ٿو ته اهي گڏ ٿين ۽ عالمي مالياتي ن??ام جي ٺوس سڌارن جي لاءِ گهربل وسيع اصولن ۽ قدمن تي متفق ٿين. وزيراعظم چيو ته فرانس جي دوري دوران آئون انسانيت کي درپيش موجوده چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ عالمي مالياتي ادارن جي ن??ين سر تنظيم سازي جي ضرورت تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندس. جي – 77 پلس چائنا گرونگ ۾ هڪ اهم ڌر جي طور تي ۽ موسمياتي تبديلي جي خطري کان بري طرح متاثر ٿيندڙ ملڪ جي طور تي پاڪستان ان ڪردار جي لاءِ بهتر پوزيشن ۾ آهي.