اسلام آباد – 16 – جون (اي پي پي) پاڪستا?? مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ مريم اورنگزيب مسلم ليگ (ن) جي بنا مق??بلي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي وئي. مسلم ليگ (ن) جي جنرل ڪائونسل جي اجلاس ۾ مريم اورنگزيب سيڪريٽري اطلاعات جي عهدي جي لاءِ نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا، ان جي مق??بلي ۾ ڪنهن به اميدوار نامزدگي ڪاغذ جمع نه ڪرايا، اهڙي طرح هوءَ مسلم ليگ (ن) جي بنا مق??بلي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجي وئي. مريم اورنگزيب چار سال (2023ع کان 2027ع) جي مدي لاءِ پارٽي جي سيڪريٽري اطلاعات هوندي. ان موقعي تي ڳالهائيندي مريم اورنگزيب چيو ته مسلم ليگ (ن) جي سيڪريٽري اطلاعات چونڊجڻ منهنجي لاءِ فخر جوڳو آهي، اعتماد ڪرڻ تي پارٽي قائدين ۽ ڪارڪنن جي ٿورائتي آهيان. انشاءَ الله پارٽي قائد نواز شريف جي قياد?? ۾ ??اڪستان جي ترقي جو ??فر جاري رهندو.