اسلام آباد – 12 – جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وز??ر مريم اورنگزيب چيو آهي ته وز??راعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ اتحادي حڪومت روس سان رعايتي قيمت تي خام تيل پاڪستان آڻڻ جو واعدو سچ ڪري ڏيکاريو، روس مان خام تيل جو سامونڊي جهاز ڪر??چي پهچي ويو آهي جيڪو پاڪستان جي تاريخ ۾ روس مان ايندڙ تيل جو پهريون جهاز آهي، ان کي چوندا ??هن واعدن کي پورو ڪرڻ، ملڪ ۽ قوم جا مسئلا حل ڪرڻ جي اهليت، نيت ۽ عوام جي سچي خدمت. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته وز??راعظم شهباز شريف سدا??ين وانگر عوام سان ڪيل واعدن کي پورو ڪري رهيو آهي، الحمدالله هڪ سال جي مخلصاڻي ۽ ديانتدار محنت رنگ آڻي رهي آهي.