اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پ??وگرام (پي ايس ڊي پي) ۾ نيشنل هيريٽيج اينڊ ڪلچر ڊويزن جي 8 جاري ?? هڪ نئين منصوبي جي لاءِ مجموعي طور تي 540 ملين رپيا رکيا ويا آهن. پي ايس ڊي پي 24 – 2023ع موجب جاري منصوبن ۾ نيشنل لابئريري آف پاڪستان اسلام آباد جي رنگ روغن جي لاءِ 94.500 ملين رپيا، نيشنل لينگويج پروسيسنگ ليبارٽري (اين ايل پي ڊي) قائم ڪرڻ جي لاءِ 16.755 ملين رپيا، روات قلعي جي بحالي، تحفظ جي لاءِ 20.327 ملين رپيا، لا??ور ۾ م??جو?? علامه محمد اقبال جي رهائش??اه?? کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ 18.518 ملين رپيا، ثقافتي ورثي جي ذريعي پ??ڪستان جي مثبت تشخص جي فروغ جي لاءِ ڊپارٽمينٽ آف آرڪيالوجي اينڊ ميوزيم ۾ ريسرچ اينڊ ڊيولپمينٽ سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ 15 ملين رپيا اهڙي طرح ٻين ٽن جاري منصوبن جي لاءِ پڻ وڏي رقم رکي وئي آهي. پي ايس ڊي پي تحت فيض احمد فيض ڪمپليڪس جي تعمير جي لاءِ هڪ نئين منصوبي جي لاءِ 350 ملين رپيا رکيا ويا آهن.