اسلام آباد – 29 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي و??ير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عم??ان خان ڪوڙ سان ماڻهن جي ذهن سازي ڪري انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري، عم??ان خان پنهنجي ڪڌي ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو. اها ڳالهه هن پي ٽ?? آءِ چيئرمين عم??ان خان جي ٽ??ئيٽ تي ردعمل ۾ چئي. عم??ان خان پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ پي ٽ?? آءِ جي ڪراچي مان صوبائي اسيمبلي ميمبر شهزاد اعواڻ بابت پنهنجي ٽ??ئيٽ ۾ هڪ تصوير جو حوالو ڏنو ته پارٽي ڇڏڻ کان انڪار تي ملڪ شهزاد اعواڻ جي قافلي کي باهه لڳائي و??ي جنهن تي ردعمل جو اظهار ڪندي اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته اها تصوير هڪ سال پراڻي نوشهره ۾ موجود آ??ل ڊيپو ۾ لڳندڙ باهه جي آهي. عم??ان خان 19 سالن کان ماڻهن کي ڪوڙي، جعلي تصويرن ۽ مصنوعي بيانيي سان ذهن سازي ڪري بيوقوف بڻايو ۽ انهن کي ملڪ دشمني، دهشتگردي، شهيدن ۽ غازين جي بي حرمتي سيکاري. مريم اورنگزيب عم??ان خان کي مشورو ڏنو ته اهي پنهنجي مجروح اناءَ جي تسڪين جي لاءِ آرام سان ٻن جهنڊن جي وچ ۾ ويهي رات جو ڪاميڊي شو هڻندو ڪري، ڪنهن رات شو ۾ پنهنجي ڪڌي ۽ ناقابل معافي ڏوهن تي انهن والدين کان معافي به وٺي جن جي ٻارن کي گمراهه ڪري آزمائش ۾ وڌو آهي. اطلاعات واري وفاقي و??ير چيو ته عم??ان خان انهن شهيدن ۽ غازين جي خاندانن کان معافي وٺي جن جي دل هن زخمي ڪيا آهن. هن چيو ته الله تعاليٰ پنهنجي بندن جي ح??ن جي خلاف ورزي معافي نه ٿو فرمائي.