اسلام آباد – 23 – مئي (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي پاڪستا?? کي موجوده مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ملڪ کي سماجي، اقتصادي ۽ سياسي مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ قومي ترجيحن تي نظرثاني لازمي آهي، سمورن ادار?? جي قيادت جي ذميواري آهي ته اهي وڏن چئلينج?? کي منهن ڏيڻ تي ڌ??ان ڏين. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري ب??ان موجب صدر اهڙن خيالن جو اظهار سينيئر آفيسرز ليڊرشپ ڪورس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي ڪيو جن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته صحت ۽ تعليم جي سهولت?? جي فراهمي ۽ معاشري مان اڻبرابري جي خاتمي جا وڏا چئلينجز درپيش آهن، غربت تي ضابطو آڻڻ، معيشت جي بهتري، آبادي ۾ اضافي کي روڪڻ تي ڌ??ان ڏيڻو پوندو. صدر ملڪ ۾ درگذر ۽ انسانيت سان محبت جي جذبي کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته 9 مئي تي ٿيندڙ واقعن سان شديد تڪليف پهتي، ماضي ۾ فيصلاسازي ۾ دير ملڪي ترقي کي روڪيو. هن چيو ته پاڪستا?? کي دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين سان هم آهنگ رهڻ جي لاءِ تيز رفتار فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، آءِ ٽي، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي جي شعبن ۾ ترقي جي لاءِ نوجوان?? جي تعليم ۽ هنرمندي تي سيڙپڪاري ڪرڻي پوندي. صدر چيو ته ملڪ ۽ عوام کي سائبر خطرن کان بچائڻ جي لاءِ پاڪستا?? کي پنهنجي سائبر صلاحيت?? کي مضبوط بڻائڻ تي ڌ??ان ڏيڻ گهرجي، غربت جي خاتمي ۽ سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ تعليم ۽ صحت مرڪزي ٿنڀ آهي. ڊاڪٽر عارف علوي عوام کي معياري تعليم ۽ صحت جون خدمتون فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ۾ اٽڪل 2 ڪروڙ 70 لک ٻار اسڪولن کان ٻاهر آه?? جيڪا افسوس جوڳي ڳالهه آهي. هن چيو ته تعليمي شعبي ۾ بنيادي ڍانچي جي ترقي کانسواءِ آن لائين تعليم اختيار ڪري ٻار?? کي تعليم ڏئي سگهجي ٿي.