اسلام آباد – 04– اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آ??ي ته ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسيءَ تي هڪ ڀيرو ٻيهر عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي قتل تي صدارتي ريفرنس تي عمل ٿيڻ گهرجي ۽ فل ڪورٽ کي ويهي اهو فيصلو ڪرڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته شهيد ڀٽو جي ??والي سان پوري دنيا کي خبر آ??ي ته اهو هڪ عدال??ي قتل هو، فيصلو ڪندڙن ۾ هڪ جج بعد ۾ پنهنجي ياداشتن ۾ به ان ڳالهه جو اعتراف ڪيو هو. وزيراعظم چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو آئين جي ??انين مان هو ۽ اها ملڪ جي ??اريخي خدمت هئي جنهن کي ياد رکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته هي ڪهڙو تاريخ جو جبر آهي جو اڄ 4 اپريل آهي ۽ شهيد ڀٽو جو جوڊيشل مرڊر انهي تاريخ تي ٿيو. وزيراعظم چيو ته اڄ ئي اليڪشن جي ??والي سان هڪ ڀيرو ٻيهر 4 اپريل تي عدل ۽ انصاف جو قتل ٿيو آهي جنهن جي ??يتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي.